پاڪستان ۾ سياسي مبصر ان سوال جو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته پنهنجي پسند جي نگران حڪومت قائم ڪرڻ کانپوءِ ايندڙ چونڊن ۾ به اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پسند جي حڪومت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندي؟
ڊي ڊبليو سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي نامور تجزيه نگار امتياز عالم چيو ته پاڪستان جي حڪومتي نظام ۾ ڪنهن به وڏي تبديلي اچڻ جو ڪو به امڪان ناهي ۽ اهو نظام ماضي وانگر هلندو رهندو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي جمهوري قوتن ميدان خالي ڇڏي ڏنو آهي ۽ طاقتور جي بالادستي قبول ڪري ورتي آهي، ”اسان جي سياستدانن پاڻ کي نئين صورتحال سان ايڊجسٽ ڪري ورتو آهي. انهن کي اقتدار مان پنهنجو حصو گھربل آھي.اھي گڏجي حڪومت ڪندا رھندا. هاڻي عمران، نواز يا بلاول جيڪو به ايندو، ان کي نئين صورتحال ۾ هائبرڊ سسٽم تحت هلڻو پوندو.“ امتياز عالم سمجھي ٿو ته ”سولين بالادستي“ هاڻي رڳو ھڪ نعرو بڻجي رھجي ويو آهي. سياستدانن پنهنجي جاءِ (اسپيس) ٻين کي ڏئي ڪري معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن، ”نگران حڪومتون طاقتورن جي ڇانوَ هيٺ سڄو معاشي نظام هلائي رهيون آهن ۽ اسان جو چونڊيل وزيراعظم فخر سان پنھنجو پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو قرار ڏئي رهيو آهي.ان مان اندازو لڳايو ته معاملو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪنھن جي مرضي ھلندي“
اڪانومسٽ انٽيليجنس يونٽ پاران جاري ڪيل جمهوريت جي عالمي رينڪنگ موجب دنيا جي جمھوري ملڪن جي درجھ بندي ۾ پاڪستان گھڻو پوئتي آھي.. EUI پاڪستان جي نظام حڪومت کي ’هائبرڊ‘ (مرڪب ) قرار ڏنو آهي. اداري مطابق هائبرڊ سسٽم رکندڙ ملڪن ۾ ڪافي چونڊ جون بي ضابطگيون ٿين ٿيون. هن اداري سڀني ملڪن کي مڪمل جمهوريت، ناقص جمهوريت، هائبرڊ ۽ آمريت جي درجن ۾ ورهايو آهي.
هائبرڊ سسٽم جي وصف ۾ لکيو ويو آھي تھ اهڙن ملڪن ۾ اپوزيشن پارٽين ۽ اميدوارن تي حڪومتي دٻاءُ عام ڳالھھ ٿي سگهي ٿي. ڪنھن ناقص جمھوريت جي مقابلي ۾ ھتي شھري آزادي،چونڊ نظام ۽ سياسي ڪلچر ۾ وڌيڪ ڪمزوريون ٿي سگھن ٿيون. ان حساب سان سول سوسائٽي ڪمزور ھوندي آهي. صحافين کي عام طور تي ھراسان ڪيو ويندو آھي ۽ انھن کي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ عدليه آزاد ناهي ھوندي. ڪجهه مبصرن موجب پاڪستان جي ڪجهه حلقن پاران ’هائبرڊ سسٽم‘ جو عام مطلب سول حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سازباز يا ڳانڍاپو سمجهيو ويندو آهي.
تجزيه نگار جاويد فاروقي به ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته ملڪ ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ هائبرڊ سسٽم نظر ايندو. سندس چوڻ هو ته، نه ته سياسي پارٽيون ايتريون مضبوط آهن جو پنهنجي ڳالھھ مڃرائي سگھن ۽ نه اسٽيبلشمينٽ ايتري ڪمزور آهي جو اھا پوئتي هٽي وڃي. جاويد فاروقي ان ڳالهه سان متفق ناهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضي سان نگران حڪومت ٺاهي آهي. ھن جو خيال آھي تھ نگران حڪومت جي معاملن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن مڪمل طور تي ”آن بورڊ “ ھئي ۽ آھي.
ڊي ڊبليو سان ڳالهائيندي جاويد فاروقي وڌيڪ چيو ته هائبرڊ سسٽم جي واحد ذميوار رڳو اسٽيبلشمينٽ ناهي، سندس چوڻ آهي ته سياسي پارٽين ۾ صلاحيت جا مسئلا به آهن، ”اسان جي سامھون اھو ٿيو آھي تھ چونڊيل حڪومتن کي بھ سياسي ۽ معاشي بحرانن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ضرورت پوندي رھندي آهي “جاويد فاروقي سمجھي ٿو تھ ايندڙ حڪومت بھ اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کانسواءِ نه ٺهي سگهندي ڇو ته اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت ٺاهڻ جي صلاحيت وڌي وئي آهي،ھن جو چوڻ ھو تھ ايندڙ اليڪشن ۾ ھڪ ٽنگيل پارليامينٽ وجود ۾ اچي سگھي ٿي ۽ ان جي لاءِ آزاد ميمبرن ۽ ننڍن پريشر گروپن جو ڪردار اهم ٿي سگهي ٿو. اسان جي نظر مان اھو گذريو آھي تھ جڏهن پيپلزپارٽي سگھاري ھئي تھ ان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ مسلم ليگ (ن) کي آندو ويو.جڏھن مسلم ليگ ن گهڻي مقبول پارٽي هئي ته ان جي مقابلي لاءِ عمران خان کي آندو ويو. هاڻي جڏهن عمران خان تمام گهڻو مقبول آهي ته صورتحال اوهان جي سامهون آهي. ڪنهن کي خبر ناهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان چونڊ ميدان ۾ هوندا يا نھ ھوندا.“
هڪ سوال جي جواب ۾ جاويد فاروقي چيو ته عمران خان کي هن مقام تي آڻڻ ۾ عمران خان جو پنهنجو ڪردار به ڪنهن کان گهٽ ناهي، سندس تڪراري پاليسين ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻين غلطين جي باوجود سندس سولو فلائيٽ جي خواهش ۽ پنهنجو پاڻ کي طاقت جو مرڪز بڻائڻ سان ھن جي جماعت ڪمزور ٿي وئي ۽ هن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو.”
ڇا نگران حڪومتون پنهنجي روزمرهه جي معاملن کي اڪلائڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ تائين محدود رهنديون يا پنهنجو دائرو وڌائينديون؟ ان سوال جي جواب ۾ جاويد فاروقي جو چوڻ آهي ته حتمي جواب ڄاڻڻ لاءِ اسان کي ڪجهه ڏينهن وڌيڪ انتظار ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته لڳي ٿو ته چونڊون ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ٿينديون ڇو ته جيڪڏهن مارچ ۾ سينيٽ جي چونڊن کان اڳ عام چونڊون نه ڪرايون ويون ته ان سان ڪيتريون ئي آئيني ۽ معاشي پيچيدگيون پيدا ٿينديون.
هڪ انگريزي اخبار سان لاڳاپيل صحافي سعديه صلاح الدين جو خيال آهي ته نگران حڪومتون پنهنجي مينڊيٽ کان ھٽي ڪري پنهنجو دائرو وڌائي رهيون آهن. هن ڊي ڊبليو کي ٻڌايو ته مثال طور 165 سالن جي تاريخ واري لاھور سينٽرل ماڊل اسڪول کي دانش اسڪولن جي حوالي ڪرڻ يا زمينن جي الاٽمنت ڪرڻ نگران صوبائي حڪومت جي فرضن ۾ شامل ناهي.
سعديه صلاح الدين جي راءِ ۾ جمهوريت جي بهتري لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجن روين ۽ زندگيءَ ۾ جھموريت کي آڻڻو پوندو. هن جي خيال ۾ سياست جي حوالي سان گھڻو ڪجھھ لکيو ۽ ڳالهايو پيو وڃي، ”پر جيڪڏهن اسان سڀ پنھنجو ڌيان عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ڏانھن ڪريون تھ ملڪي نظام ۾ بهتري جي اميد ڪري سگهجي ٿي. مثال طور، جيڪڏهن اسين اجرت جي موضوع تي تحقيق ڪريون، ڪالم لکون، وڊيو بلاگ ٺاهيون ته پوءِ اسان کي سمجهه ۾ ايندو ته ملڪ ۾ غريبن کي يا ته اجرت جو ڪم نٿو ملي، جيڪڏهن کين ڪم ملي ٿو ته اُجرت نه ٿي ملي ۽ جيڪڏهن ملي وڃي ٿي ته اهو قانون ۽ انسان جي صلاحيتن مطابق نه ٿو ملي. هيءَ ننڍڙي مهم حڪومتي گورننس، پرائيويٽائيزيشن جي مسئلن ۽ پرائيويٽ سيڪٽر جي زيادتين کي وائکو ڪري سگهي ٿي، عوام ۽ پاليسي سازن ۾ بھ شعور پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ ان سان حڪومتن تي دٻاءُ وڌندو ۽ حڪومتن جي سروس ڊليوري بهتر ٿي سگهجي ٿي.“