ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ برقرار، ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا، نوشهروفيروز ۽ گھوٽڪي ۾ درياهه سنڌ ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، جتي فصل تباهه ٿي ويا ۽ هزارين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، گڏيل ڪيل رپورٽن موجب نوشهروفيروز جي پراڻي منجهند واري ڪچي جي ڳوٺ شير محمد کوسو جو هر قسم جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، پاڻي بيهڻ سبب متاثر ٿيل ماڻهو مليريا ۽ ٻين وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن، نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ جي لهر سبب ٻه هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ليمن جي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏھن ته متاثر ٿيل آبادگارن سنڌ حڪومت کان امدادي پيڪيج جو مطالبو ڪيو آهي، ساڳئي وقت گھوٽڪي ۾ به ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو اڃا تائين ڪٽيل آهي ۽ شهرن ڏانهن اچڻ جو رڳو ذريعو ٻيڙيون رهجي ويو، ٻوڏ جي پاڻي اتي به هزارين ايڪڙ فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن، نوابشاهه ۾ به درياءِ سنڌ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جتي ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ريسڪيو عملو متاثر ٿيل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سيوھڻ جي ڪچي ۾ سنڌو درياهه جي ٻوڏ سبب علائقي ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، سيوھڻ جي 4 يوسين ٽلٽي، سيوھڻ، ٻنڀا ۽ يوسي چنا جي ڳوٺن ۽ ايل ايس بند تي پاڻي جو دٻاءُ پڻ برقرار آهي ۽ سيوھڻ جي ڪچي جا 28 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ نئون واھڻ، دريديرو، ماھي اوٺو، ڳوٺ پيرل خان ھاليپوٽو، بلاولپور، راڌڻ، ماھي اوٺو سميت ٻيا گوٺ پاڻي جي گھيري ۾ آهن جنهن ڪري ڪچي ۾ اڍائي مھينن کان جاري ٻوڏ سبب ڪيترن ڳوٺن جو سيوھڻ ۽ ڀان سيد آباد شھرن سان زميني رابطو ڪٽيل آهي.