ٽراٽسڪي جي قتل کان پوءِ جا اثر

سنڌيڪار: سارنگ ڄام

دنيا جي سڀني ڪامريڊن جي ڪاوڙ ۽ مايوسي جو ڪو تصور به نٿو ڪري سگهي. هي 19 هون ڀيرو هو جڏهن ڪامريڊ ٽراٽسڪي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. پر هن ڀيري اهي ڪامياب ٿيا.ان وقت جنگ جو اثر اهڙو هو جو ٽراٽسڪي جي موت جو اھو اثر نه پيو جھڙو عام حالتن ۾ پوڻ کپندو هو. تنهن ڪري اسٽالن ان وقت ٽراٽسڪي کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو.  هن کي يقين هو ته جنگ جي ھنگامن ۾ ڪنهن جو به ڌيان نه ويندو. پر ان قتل جو اسان سڀني تي گهرو اثر پيو ۽ اسان کي ٽراٽسڪي جي ڪم کي جاري رکڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ پرعزم بڻائي ڇڏيو، جيئن اسان برطانيه ۽ بين الاقوامي سطح تي ايندڙ سالن ۾ ڪيو.

اسان ان وقت آمريڪن سوشلسٽ ورڪرز پارٽيءَ تي ڪامريڊ ٽراٽسڪي جي سيڪيورٽي بهتر نه ڪرڻ تي سخت تنقيد ڪئي هئي، پر يقيناً اسان عوامي سطح تي ڪجهه به نه چيو هو. ۽ بهرحال، قتل ٿيڻ کان پوءِ ڇا فائدو؟

اسان جو فوري ردعمل اسٽالنسٽن جي ڏوهن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪرڻ هو. ان قتل جي خبر کي جي آر ڪيمبل ان وقت جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ڊيلي ورڪر ۾ بلڪل بي حيائي واري انداز ۾ پيش ڪئي هئي، ڄڻ ڪامريڊ ٽراٽسڪي جي ڪنھن پيروڪار ڪامريڊ کي قتل ڪيو ھجي ۽ اسٽالن ۽ ان جي ڪامورا شاهي جو ان سان ڪو به واسطو نه هجي. اسان هن ڪوڙ کي بي نقاب ڪيو.ان وقت مان ورڪرز انٽرنيشنل ليگ ۾ شامل هئس، ۽ سامراج خلاف جدوجهد کي تيز ڪري رهيو هوس. اسان مزدورن جي حڪومت کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ مهم هلائي رهيا هئاسين ۽ پوءِ جيڪڏهن ضرورت پئي ته معيشت کي نيشنلائيز ڪرڻ کان پوءِ هٽلر خلاف انقلابي جنگ وڙهون.

ٽراٽسڪي کان سواءِ اسان سڀ انڌا هئاسين. هو ڪيترن ئي طريقن سان لينن کان وڏو هو، خاص طور نظرياتي ڪم ۾ جيڪو ھن 1923ع کان 1940ع جي وچ ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي نظرين کي مضبوط ۽ ترقي ڏيڻ لاءِ ڪيو. اسپين جي واقعن، خاص طور تي 37-1931ع جو انقلاب، فرانس، برطانيه، عام هڙتال دوران چين، 27-1925ع ۾ چين ۽ جرمنيءَ ۾ هٽلر جي خلاف جدوجهد دوران جرمني جي واقعن متعلق ان جي تجزين سندس پوئلڳن کي ايندڙ جدوجهد لاءِ هٿياربند ڪيو.

سڀ کان وڏي ڳالھه ته ، ٽراٽسڪي کان سواءِ، اسان وٽ اسٽالنزم جو تجزيو نه هجي ها. ڪميونسٽ انٽرنيشنل تي سندس تنقيدن کي بار بار واقعن جي روشنيءَ ۾ درست ثابت ڪرڻ لاءِ بار بار ڏيکاريو ويو.

اسان کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته شايد ٽراٽسڪي جو بهترين ڪم سندس زندگيءَ جي آخري چند سالن ۾ ٿيو.  سندس ڪتاب ”مارڪسزم جي دفاع ۾“ ۾ سندس سوويت يونين ۽ اسٽالنزم جي عملن جو تجزيو اڄ به صحيح آهي.ڪامريڊ اھو ثابت ڪيو ته بيوروڪريسي ڪو نئون طبقو يا نئين جوڙجڪ نه آهي، پر سوشلزم کان انحراف آهي، جنهن ڪري اها سوشلزم کي جنم نٿي ڏئي سگهي. اسٽالن تي سندس شاندار ڪتاب به ان ئي وقت ۾ لکيو ويو، جيتوڻيڪ اهو صرف 1945ع ۾ شايع ٿيو هو.  اسٽالن آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين ملڪن جي حڪومتن تي دٻاءُ وڌو ته جنگ جي خاتمي تائين ٽراٽسڪي جي ڪم جي اشاعت کي روڪيو وڃي. انهن ڪمن تحريڪ کي ھڪ مضبوط نظرياتي بنياد ڏنو. جيڪڏهن هو اڃا پنج سال جيئرو رهي ها ۽ اهڙي قسم جو مواد تيار ڪري ها، جيڪو ڇپجي وڃي ها ته ان جو مزدور تحريڪ جي ترقيءَ لاءِ وڏو فائدو ٿئي ها.

جيڪڏهن ٽراٽسڪي جنگ کان پوءِ واري دور ۾ جيئرو هجي ها ته ان سان واقعن جي رخ ۾ ڪو بنيادي فرق نه اچي ها- هڪ طرف اسٽالنزم جي فتح ۽ ٻئي طرف سرمائيداريءَ جو اٿڻ.  اهو ئي سبب هو جو اسٽالنزم ۽ اصلاح پسنديءَ جي پاليسين انقلاب کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو، اهو انقلاب جنهن جو ٽراٽسڪي آسائتو هو.

جيڪڏهن فرانس، برطانيه، جرمني ۽ ٻين ملڪن ۾ نام نهاد ڪميونسٽ پارٽيون انقلابي پارٽيون هجن ها ته اهي يورپي براعظم ۾ انقلاب آڻي سگهن ها ۽ پورهيت طبقي جا مسئلا هميشه لاءِ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي حل ڪري سگهن ها.پر جيڪڏهن ٽراٽسڪي جيئرو هجي ها ته هو مزدورن کي بهتر طريقي سان منظم ڪري ها. ٽراٽسڪي جي حامي ھجڻ جي دعويدارن طرفان مڪمل تباهي نه ٿئي ھا، پر حقيقت ۾ هنن ڪامريڊ جي نظرين کي مڪمل طور تي مسخ ڪري ڇڏيو.  ۽ پوءِ، ھن وقت ۽ بعد ۾ تحريڪ کي ايترو نقصان نه پهچي ها جيڪڏهن ٽراٽسڪي انهن جي اڳواڻي ۽ رهنمائيءَ لاءِ موجود ھجي ها.ھو انهن واقعن بابت اسان جي تجزيي جي حمايت ڪري ھا، ته گهٽ ۾ گهٽ صنعتي ملڪن ۾ سرمائيداريءَ جو استحڪام ھجي ھا ۽ اڀرندي يورپ ۽ سوويت يونين ۾ اسٽالنزم جو هڪ عارضي استحڪام ھجي ھا جيڪو هاڻي گذري چڪو آهي.

اهي نظريا مڪمل طور تي ثابت ٿي چڪا آهن ۽ 90ع واري ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ جدوجهد جي دور ۾ اڃا به وڌيڪ ثابت ٿيندا. خاص طور تي سوويت يونين جون خبرون. گورباچوف جي سرمائيداريءَ ڏانهن موٽڻ لاءِ کليل رد انقلابي تحريڪ اھا ڏيکاري ٿي ته اسٽالنزم ۽ دنيا جي عملن بابت ٽراٽسڪي جو تجزيو ڪيترو صحيح هو.

بيوروڪريسيءَ کي مجبور ڪيو ويو ته هو پنهنجو پاڻ کي سرمائيدار بڻائي، پنھنجي مراعتن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ کليل نموني ردِ انقلاب جي حمايت ڪن، جيئن ٽراٽسڪي اڳڪٿي ڪئي هئي.اهي بش، ٿيچر ۽ ڪوهل جهڙن ماڻهن کان مدد ۽ حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. گورباچوف جو سامراجين آڏو جھڪڻ جو طريقو ڏسي بلڪل الٽي اچڻ جھڙي ڪيفيت ٿيندي آهي. ھن دور جا قصا جيئن کلندا،  سرمائيداري زوال، بيماري ۽ ٽوٽ ڦوٽ طرف ويندي، جيئن اسٽالنزم اڳي ئي مشرقي يورپ ۽ سوويت يونين وکري چڪو آهي.

گذريل 50 سالن کان، اسان ٽراٽسڪي جي خيالن جي تعمير، دفاع ۽ ان کي مضبوط ڪري رهيا آهيون ۽ هڪ اهڙي تحريڪ ٺاهي رهيا آهيون جيڪا برطانيه ۽ بين الاقوامي سطح تي ليبر پارٽي، ٽريڊ يونين ۽ سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. اسان ٽراٽسڪي جي نظرين تي مڪمل عمل ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي راهه هموار ڪنداسين.پر اڄ به ٽراٽسڪي جي قتل جي باري ۾ سوچيندي اکين ۾ ڳوڙها اچي وڃن ٿا.

ھن ڪيڏيون نه وڏيون قربانيون ڏنيون. خاندان کي قتل ڪيو ويو، سندس ساٿين، پراڻن بالشويڪن کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو. اسٽالنسٽ ۽ اصلاح پسند ردِعمل جي فتح ھئي. ٽراٽسڪي اهو سڀ ڪجهه صحيح طرح سان ڪيو پر هن کي تحريڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪيڊر تيار ڪرڻ جي ضروري ڪم ڪرڻ کان روڪي نه سگهيو.  هن جي نظرين جي بنياد تي، انهن کي وڌائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ، تنهن هوندي به، اسان فتح ڏانهن مارچ ڪنداسين ۽ فتح اسان جي ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.