ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) وفاقي حڪومت پوليس سروس آف پاڪستان جي 21هين گريڊ جي آفيسر رفعت مختار کي آء جي سنڌ مقرر ڪري ڇڏيو ۽ ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پراونشل پوليس آفيسر مقرر ڪيل رفعت مختار پنجاب ۾ آر پي او فيصل آباد , بھاولپور ۽ ڊي آء جي موٽرويز ۾ به خدمتون انجام ڏئي رهيو هو، جنهن جي سنڌ پوليس ۾ بدلي ڪئي وئي آهي. آءِ جي پوليس جي عهدي تي خدمتون ڏيندڙ غلام نبي ميمڻ اڄڪلهه موڪلن تي عمري جي ادائيگي لاءِ ويل آهي. غلام نبي ميمڻ کي نوان حڪم ملڻ تائين اسٽيبلشمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.