پي ٽي آءِ ۾ اختلاف، ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ هڪ ٻئي تي غداري جا الزام

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ٻئي گروپ آمهون سامهون ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي خلاف سخت جملن جي ڏي  وٺ ٿي. پارٽي ذريعن موجب ڪور ڪميٽي اجلاس جا تفصيل ۽ رڪارڊنگ سامهون اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن هڪ ٻئي تي الزام هنيا، پي ٽي آءِ اڳواڻن هڪ ٻئي کي غدار به چيو. هوڏانهن عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت چيو آهي ته پارٽي اندر موجود غدارن جان خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي ميمبرن جو موقف هو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنگين معاملن تي بحث نه ٿو ٿي سگهي، ڪور ڪميٽي جي ميمبرن چيو ته جيڪڏهن عمر ايوب ۽ شبلي فراز اجازت ڏين ته پارٽي اندر موجود غدارن جي نشاندهي ڪنداسين. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪور ڪميٽي جي ميمبرن اجلاس ۾ دعويٰ ڪئي ته عمر ايوب ان ميمبر سان مسلسل رابطي ۾ آهي جنهن کي ڪور ڪميٽي ۾ غدار قرار ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب عمر ايوب ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي جانشين لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون آهن. ٻئي طرف چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل شير افضل مروت سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪاوڙ جي باوجود غدارن جي نشاندهي ڪندس. پي ٽي آءِ مرڪز وڪيل جي بيان جو نوٽيس ورتو آهي. پارٽي اعلان موجب شير افضل مروت ايڊووڪيٽ جي تبصرن جي مڪمل جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.