پاڻ کي مسلمان سڏائيندڙن جڙانوالا ۾ وحشت جو مظاهرو ڪيو: جسٽس فائز عيسيٰ

فيصل آباد (م ڊ ) سُپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين  جج ۽ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمان تي فرض آهي ته هو جهاد ڪري. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڙانوالا ۾ عيسيٰ نگري جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته هن مختلف گهرن جو به معائنو ڪيو. ان موقعي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ متاثرن جي روڪ مالي مدد ڪئي ۽ سندس زال متاثرن ۾ راشن ورهايو. ان موقعي تي متاثرن سان ڳالهه ٻول ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڙانوالا واقعي جو تمام گهڻو افسوس ٿيو، اوهان جي ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اوهان کي به باقي سڀني وانگر حق حاصل آهن، سڀ برابر جا شهري آهن ۽  ڪنهن کي ڪنهن تي ڪائي برتري حاصل ناهي. هن چيو ته ڪو مسلمان اهڙو ناهي جيڪو حضرت عيسيٰ کي پيغمبر نه مڃي، اوهان کي چرچ بڻائڻ جو ايترو ئي حق آهي جيترو مسلمان کي مسجد ٺاهڻ جو آهي، گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمانن تي اِهو فرض آهي ته هو جهاد ڪن. نامزد چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته پنهنجي عهدي جي ڪري هتي ناهيان آيو، هڪ شهري طور تي ٻئي شهري وٽ آيو آهيان، هر انسان جو فرض آهي ته اوهان جي مدد ڪري. هن بيان ۾ چيو ته عيسيٰ نگري ۾  گمراهه ماڻهن جي هڪ فسادي ميڙ عيسائي آبادي جي ڪيترن ئي گرجا گهرن ۽ گهرن کي ساڙي ڇڏيو ۽ تباهه ڪيو. هن نوٽ ۾ اسلام جي تاريخ جي مختلف واقعن جي روشنيءَ ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته مسلمانن کي عيسائي برادري سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ گهرجي. هن چيو ته انهن حملا ڪري پاڪستان جي باني محمد علي جناح پاران غير مسلمن کي ڏنل ضمانتن جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو آهي ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 295 ۽ 295 اي تحت مذهبي هنڌن ۽ نشانن کي نقصان پهچائڻ ڏوهه آهي، مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي سزا قيد ۽ ڏنڊ آهي.  نوٽ ۾ هن چيو ته اهو هر مسلمان جو مذهبي فرض آهي ته هو ٻن مذهبن جي پيروڪارن جي جان، مال، عزت ۽ عبادت گاهه جي حفاظت ڪري ۽ انهن تي حملا ڪندڙن کي روڪي.  ۽ انهن کي ٿيل نقصان جو هر ممڪن معاوضو ڏنو وڃي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته غلط فهمي جي انتها اها آهي ته ’اسلام‘ جنهن جو مطلب امن آهي ۽ جيڪو پنهنجي پيروڪارن کي ماڻهن سان ملڻ وقت امن جي دعا جي تلقين ڪري ٿو. هن دين جي چند پيروڪارن ۽ پاڻ کي مسلمان سڏائڻ وارن پنهنجي مذهب جي تعليمات جي ڀڃڪڙي ڪري تمام گهڻو ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.