اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ڪري ڇڏيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفيشل سيڪريٽ ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيح ڪري ڇڏي، صدر جي صحيح کانپوءِ ٻئي بل قانون جي شڪل اختيار ڪري ويا. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ موجب، فوج خلاف چڙڏياريندڙ مهم هلائڻ تي ٻن ورهين تائين قيد ۽ ڏنڊ جي سزا هوندي. سرڪاري حيثيت ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ مفاد ۾ حاصل ٿيندڙ حساس معلومات ظاهر ڪندڙ شخص کي پنجن ورهين تائين سخت قيد جي سزا ڏني ويندي، آرمي چيف يا بااختيار آفيسر جي اجازت سان معلومات ظاهر ڪرڻ تي سزا نه هوندي. ترميمي بل موجب، ملڪ ۽ فوج جي مفاد خلاف انڪشاف ڪندڙ سان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت منهن ڏنو ويندو، هن قانون جي ماتحت شخص سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندو. لاڳاپيل شخص رٽائرمينٽ، استعيفيٰ ۽ برطرفي جي ٻن ورهين بعد تائين سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي هوندي. قانون موجب، حساس ڊيوٽي تي مقرر شخص پنجن ورهين تائين سياسي سرگرمين ۾ حصو نه وٺندو، پابندي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي ٻن سالن تائين سخت سزا ٿيندي. آرمي ايڪٽ جي ماتحت شخص جيڪڏهن اليڪٽرانڪ ڪرائيم ۾ ملوث هجي جنهن جو مقصد پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ هجي ته ان خلاف اليڪٽرڪ ڪرائيم تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. جيڪڏهن ڪو شخص فوج کي بدنام ڪري يا ان خلاف نفرت پکيڙي ته ان کي 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا هوندي. ملڪي مفاد خلاف معلومات دستاويزن جو انڪشاف ڪندڙ، ڏوهي هوندو.