پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه فرمان سياست تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو گورنر ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه فرمان چونڊ سياست تان هٿ کڻي ويو آهي. هن پنهنجي هڪ بيان  ۾ چيو آهي ته منهنجي خاندان مان ڪو به اليڪشن ۾ حصو نه وٺندو. شاهه فرمان چيو ته مان تڪ ڪارڪنن جي حوالي ڪريان ٿو.اڳوڻي گورنر وڌيڪ چيو ته پارٽي ۾ منهنجي خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، سڀني کي خبر آهي ته پارٽي ۾ ڪنهن ڪيترو پئسو ٺاهيو آهي، هن چيو ته ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مون سميت ٽن اڳواڻن تي غداري جا بي بنياد الزام لڳايا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.