ڪراچي(رپورٽر) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته گذريل حڪومت ۾ اتحادي پارٽين مردم شماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، کين خبر هئي ته تڪ بنديون ٿينديون.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪراچي ۾ قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صادق سنجراڻي چيو ته بلوچستان جا سينيٽر بلوچستان جو آواز چڱي ريت اٿاري رهيا آهن، بلوچستان جي عوام کي نگران وزيراعظم مان اميد نظر اچي رهي آهي، پر بلوچستان جي ترقي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل آهن.سينيٽ چيئرمين چيو ته باقي پڪ ڏياريان ٿو ته چونڊون وقت تي ٿينديون، تڪ بنديون مڪمل ٿيندي ئي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏيندي،
اتروزيرستان ۾ دهشتگرد حملو،11 ڄڻا مارجي ويا
وانا(م ڊ) اتروزيرستان جي علائقي شوال ۾ دهشتگردن + جي حملي ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا، 2 زخمي ٿي پيا، ڊي سي ريحان گل خٽڪ ٻڌايو ته گاڏي ۾ سوار 13 ماڻهن کي ڌماڪيدار مواد سان اڏايو ويو، مارجي ويلن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان جي تعلقي مڪين ۽ وانا سان هو،جڏهن ته ٻن زخمين کي اسپتال پهچايو ويو، دهشتگرد حملي بعد فرار ٿي ويا