ڪڻڪ افغانستان پهچي وڃي ٿي پر ڪراچي نه، ظاهر آهي اٽو مهانگو ٿيندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شاهه ۽ جسٽس عدنان اقبال چوڌري تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي خلاف پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي  درخواست تي ٻڌڻي ڪئي . سنڌ هاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس  احمد علي شيخ رمارڪس ڏيندي چيو   ته ڪڻڪ جون ٽرڪون ڪراچي نه ٿيون پھچن پر افغانستان پهچي وڃن ٿيون، ڪراچي ۾ ڪڻڪ بنا ڪنهن رنڊڪ جي پهچڻ گهرجي، ڪڻڪ ئي نه ھوندي ته ظاھر آھي ته اٽو مھانگو ٿيندو، سڀني کي گهرايون ٿا، هي ڪو عام ڪيس نه پر سنگين مسئلو آهي.عدالت ۾ پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خوراڪ کاتي سنڌ ۾ هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ڏانهن ڪڻڪ جي منتقلي تي پابندي هنئي آهي.وڪيل چيو ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ نه اچڻ سبب ماڻهو مهانگو اٽو خريد ڪرڻ لاءِ مجبور آهن .چيف جسٽس چيو ته ڪراچي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ناهي ٿيندي، ان ڪري ڪراچي ۾ ڪڻڪ ٻاهران آڻڻي پوندي آهي.عدالت  خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر کي 21 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ،درخواستگذارن پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته خوراڪ کاتو هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي تائين پابندي هنئي آهي ،ڪراچي ۾ ڪڻڪ نه پهچڻ سبب اٽي جو بحران آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.