اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان کي دلچسپي ناهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿين يا 190 ڏينهن ۾، اسان کي مهانگائي جو ڪو به خوف ناهي، اسان جو ووٽر ڄاڻي ٿو ته هن مهانگائي جو ذميوار ڪير آهي.خانگي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سينيئر اڳواڻ احسن اقبال وڌيڪ چيو ته اسان هميشه اهو موقف رکيو آهي ته ملڪ جو نظام آئين ۽ قانون موجب هلڻ گهرجي. اليڪشن 90 ڏينهن ۾ ٿئي يا 190 ڏينهن ۾، اسان کي ڪا دلچسپي ناهي، اسان چاهيون ٿا ته چونڊون آئين موجب ٿين.