سنڌ ڪابينا، عمر سومرو، سعد خالد، مبين جماڻي، يونس ڍاگا حلف کڻي ورتو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران 10 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو، گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ گورنر ڪامران ٽسوري نگران ڪابينا ميمبرن کي حلف کڻايو، سنڌ جي نگران ڪابينا ۾ برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز،  محمد يونس ڍاڳا، مبين جماڻي، ڊاڪٽر سعد خالد نياز، جنيد شاهه، رعنا حسين، ارشد ولي محمد، ايشور لعل، عمر سومرو ۽ خدابخش مري شامل  آهن، حلف کڻائڻ بعد گورنر ڪابينا ميمبرن کي واڌايون ڏنيون، ان موقعي تي نگران وڏو وزير جسٽس مقبول باقر، چيف سيڪريٽري، نگران آءِ جي پوليس ۽ ٻيا موجود هئا.  حلف کڻندڙ وزيرن ۾ برگيڊيئر (ر) حارث نواز کي گهرو معاملا ۽ جيل کاتو، محمد يونس ڍاگا فنانس، پلاننگ، ڊولپمينٽ، روينيو، مبين جماڻي کي لوڪل گورنمينٽ، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ، بحالي، ڊاڪٽر سعد خالد نياز صحت، سوشل ويلفيئر، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جو وزير هوندو. ڊاڪٽر جنيد شاهه نوجوانن، راندين، ثقافت، ايڇ آر ڊولپمينٽ جو وزير هوندو. رعنا حسين تعليم ، عورتن جي حقن، ايشور لال آبپاشي، ارشد ولي محمد سياحت، ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي، عمر سومرو قانون، مذهبي معاملا، انساني حق، خدابخش مري جي معدنيات ۽ کاڻين جو وزير هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.