حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ستار رند ۽ اوڀايو جوڻيجو پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون، ڪارونجھر، گورک، کيرٿر، معدنيات ۽ٻيٽ سڀ مال غنيمت سمجهي ڦريا لٽيا پيا وڃن.سنڌ جون لکين ايڪڙ سرڪاري زمينون بي زمين مقامي ھارين کي ڏئي انھن کي معاشي طور تي پاڻڀرو ڪرڻ بدران زرعي انقلاب جي خوبصورت نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي زبردستي قبضا ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون عرب سڳورن حوالي ڪيون پيون وڃن. پيپلز پارٽي پنھنجي پندرھن سالن جي اقتداري دور ۾ سنڌي قوم جي گڏيل ۽ اجتماعي قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻ بدران سنڌ جون زمينون، تيل، گئس، ڪوئلو، معدنيات، بندرگاھ ۽ ٻيٽ اقتدار ۽ ڪرسي جي ھوس ۽ لالچ ۾ وڪڻي سنڌ سان ويساھ گھاتي۽ غداري ڪئي آھي. زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪرڻ خلاف سنڌ جو عوام پرامن جمھوري جدوجھد ڪندو.اڳواڻن چيو ته غيرجمھوري قوتن جي آندل ڪٺ پتلي نگران حڪومت سنڌ جي زمينن تي قبضن وارو فيصلو واپس وٺي. نگران حُڪومت جو ڪم ملڪي قانون ۽ آئين مطابق 90 ڏينھن ۾ اليڪشنون ڪرائڻيون آھن پر ھڪ منصوبا بنديء سان نگران حُڪومت پنھنجو مدو وڌائڻ غير قانوني ۽ غير آئيني ھٿڪنڊا استعمال ڪري وڌيڪ عرصو حڪومت ڪرڻ لاءِ ننڍين قومن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آھي جنھن جي شروعات ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ سان ڪري رھي آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 10 لک ايڪڙ زمين وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار سنڌ سرڪار کي شھنشاھي فرمان جاري ڪري ڇڏيو آھي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين کي وفاق حوالي ڪرڻ سنڌ سان زيادتي آهي. هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي حڪومت پاران نار جي ملڪن کي زرعي ميگا منصوبن لاءِ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آھي ته اسان کي اھڙي ترقي نٿي گھرجي جنهن سان ڌرتي ڌرين کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪيو وڃي، اسين سنڌ جي زمين تي قبضي جي سازش سمجھون ٿا. ائين لڳي ٿو سنڌ فتح ڪيل علائقو ھجي، نوڪرين ۽ ترقياتي منصوبن سميت تعليم ۽ صحت سميت وفاق سنڌ کي مسلسل نظرانداز ڪري رھيو آھي. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بڻايو ويو آھي،هن چيو ته سنڌ جي ھارين ۾ سرڪاري زمين ورھائي وڃي. زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ ھارين کي پاڻڀرو ڪرڻ لاءِ في ھاري خاندان کي گھٽ ۾ گھٽ پنجويھ ايڪڙ زرعي ڏني وڃي. سنڌ ۾ آبادگار ۽ ھاري ٻٽي عذاب جو شڪار آھن، ھڪ طرف پاڻي کوٽ آھي ٻئي طرف فصلن جا اگھ ناھن.اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. نگران حڪومت زرعي انقلابي قدم کڻي.
سنڌ انڊيجينيس الائنس پاران لکين ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ڏيڻ وارو فيصلو رد
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي مرڪزي باڊي ۽ ڪراچي چيپٽر جي باڊيءَ جي گڏيل ميٽنگ صدر خدا ڏنو شاھ جي صدارت ۾ ٿي گُذري،ملير جي 17 ديھن جون زمينون سيٽلائيٽ ٽائون حوالي ڪرڻ، زرعي زمينون ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ڏيڻ، ڪارونجھر، کيرٿر ۽ ڪاري جبل تي ٿيندڙ قبضي، ٺٽي، ڄامشوري، ٿر ۽ ٻين علائقن جي زمين تي ٿيندڙ قبضي ۽ ٻين اھم مسئلن تي عوامي مھم هلائڻ تي غور ڪيو ويو،سنڌ جي موجودہ سياسي صورتحال تي صلاح مشورا ڪيا ويا،گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي صدر خدا ڏني شاھ، نائب صدر خالق جوڻيجي، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، جوائنٽ سيڪريٽري معين مگسي، پريس سيڪريٽري سارنگ جويي، آفيس سيڪريٽري جانب خاصخيلي، ڪراچي چيپٽر جي نائب صدر جمال ناصر، جنرل سيڪريٽري ڪاظم مھيسر، ۽ ميڊيا سيڪريٽري امداد چاچڙ شرڪت ڪئي، سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائينس، سيٽلائيٽ ٽائون کي بحريا ٽائون، ۽ ڊي ايڇ اي جو تسلسل سمجھي ٿو، ان ڪري ان منصوبي کي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پرڏيھي ڪمپنين ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت پڻ ڪري ٿي ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته اھا سموري زمين روينيو قانون تحت مقامي ھارين ۽ مقامي آبادين کي ڏني وڃي. ھن اھم مسئلي تي اعليٰ عدالتن ۾ به وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو،اجلاس ۾ چيو ويو ته ملير جي زمينن جي 30 سالا ليز بحال ڪئي وڃي ۽ ملير جي زمينن تي پھريون حق مقامي ماڻھن جو جو آھي،ٿرپارڪر، ڪارونجھر جبل، کيرٿر نيشنل پارڪ، ڪارو جبل، ٺٽي، ڄامشوري ۽ سامونڊي پٽيءَ جي زمينن تي ٿيندڙ والار ۽ ڪوڙي الاٽمينٽ کي رد ڪيو وڃي. سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائينس پاران 26 ھين آگسٽ 2023ع جي ڏينھن 3 وڳي ميمڻ ڳوٺ چوڪ کان ميمڻ ڳوٺ پريس ڪلب تائين ملير جي زمينن جي 30 سالا ليز جي بحالي ۽ سيٽلائيٽ ٽائون خلاف احتجاج ڪيو ويندوليگل ايڊ ڪاميٽيءَ ۾ڪاظم مھيسر،معين مگسي،حنيف دلمراد، عمران بلوچ کي ذميواريون ڏنيون ويون.