ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ جڙانوالا واقعي خلاف ٽن تلوارن وٽ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي. ريلي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ هئا، جنهن سبب ٻئي روڊ بند ٿي ويا ۽ ٽريفڪ رڪجي وئي. مظاهري ۾ سول سوسائٽي ۽ عيسائي برادري شامل هئي. اڳواڻن چيو ته مذهبي انتهاپسندي ختم ڪري جڙانوالا واقعي جي ذميوارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. جوزف ڪالوني سميت اڳ ۾ ٿيل واقعن جي ذميوارن کي سزا ملي ها ته هي واقعو نه ٿئي ها.