اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي . شاهه محمود قريشي کي سندس اسلام آباد واري رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو ويو آهي . شاهه محمود قريشي کي ايف آءِ اي گرفتار ڪيو آهي، کيس ايف آءِ آي هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب خان هڪ بيان ۾ چيو آهي ته شاهه محمود قريشي کي پريس ڪانفرنس کان واپسي کانپوءِ گهر پهچڻ تي گرفتار ڪيو ويو، پريس ڪانفرنس ۾ هن پارٽي کان ڌار ٿيڻ جي خبرن کي رد ڪيو. هن چيو ته شاهه محمود قريشي اعلان ڪيو هو ته هو عام چونڊن ۾ دير خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري رهيو آهي. شاهه محمود قريشي جي گرفتاري جي مذمت ڪندي عمر ايوب چيو ته پي ڊي ايم جي فاشسٽ حڪومت کانپوءِ لاقانونيت جو راڄ ختم ٿيڻ جي اميد هئي پر لڳي ٿو نگران حڪومت پنهنجي اڳوڻي فاشسٽ حڪومت جا رڪارڊ ٽوڙڻ چاهي ٿي.