اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي چونڊن ۽ مردم شماري جي فيصلن کي 90 ڏينهن اندر چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته عثمان ڊار جي ڪارخاني کي بند ڪيو ويو، جنهن سان 2500 خاندان بيروزگار ٿي ويا، عثمان ڊار جي ماءُ ۽ ڀينرن سان ناانصافي ڪئي وئي. رات ٻه وڳي ڇوڪرين کي روڊ تي بيهارڻ ، اها ڪهڙي روايت آهي. محسن لغاري جي ٻارڙي کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته موجوده صورتحال ليول پلئنگ فيلڊ آهي. ڪور ڪميٽي ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، جيستائين تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي آزاد نه ٿو ڪيو وڃي ڪور ڪميٽي امانت ۾ خيانت نه ڪندو.