اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي گرفتاري تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.هڪ بيان ۾ عمر ايوب چيو ته شاهه محمود قريشي کي اسلام آباد ۾ سندس گهر مان گرفتار ڪيو ويو. ان قدم جي مذمت ڪريون ٿا.عمر ايوب جو وڌيڪ چوڻ هو ته اميد آهي ته پي ڊي ايم جي حڪومت مان نڪرڻ کانپوءِ لاقانونيت جو خاتمو ٿي ويندو.هن چيو ته لڳي ٿو نگران حڪومت پنهنجي اڳوڻي فاشسٽ حڪومت جا رڪارڊ ٽوڙڻ چاهي ٿي.