اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عمران خان خلاف سائفر ڪيس ۾ باقاعده ايف آءِ آر داخل ٿي وئي آهي. نامياري صحافي انصار عابسي جو چوڻ آهي ته اعليٰ سرڪاري ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته ايف آءِ اي باضابطا طور آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، هن ڪيس ۾ٻن سالن کان 14 سالن تائين قيد جي سزا ۽ سنگين ڏوهه هجڻ تي موت جي سزا به ڏني ويندي آهي. نگران حڪومت جو عمران خان کي پهريون تحفو آهي، جڏهن ته اڳوڻو پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان اڳ ئي عمران خلاف سلطاني شاهد طور بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.