سنڌ ۾ پريا ڪماري جي آزادي ۽ جان محمد مهر ۽ فاطمه جي قتل خلاف ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) جسقم جي مرڪزي سڏ تي سکر جي ٻارڙي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ، سکر جي صحافي شهيد جان محمد مهر ۽ راڻيپور ۾ تشدد ڪري قتل ڪيل معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو  جي واقعي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن جوابدارن جي گرفتاري ۽ پريا ڪماري جي آزادي جو مطالبو ڪيو، ان سلسلي ۾ نوابشاهه  ۾ جسقم طرفان 22 مهينا اڳ اغوا ٿيل معصوم نينگري پريا ڪُماري جي بازيابي لاءِ ۽ صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ٻه ڏينهن اڳ راڻي پور پيرن جي گهر ۾ مبينا تشدد ۾ قتل ٿيل معصوم فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن شعبان ماٽي، هاشم لغاري، طارق سمون، حنان عباسي، ڪاشف لاکو، فرمان ملاح، عارف خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ميرپورماٿيلو ۾ جسقم جي سڏ تي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري، خيرپور ۾ پيراڻي گاڌي پاران فاطمه ٻرڙو سان مبينا زيادتي ڪندڙ کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏئڻ ۽ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو اڳيان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي جسقم ضلعي صدر ڪامريڊ فقير رمضان ڪلوڙ ،ايس ايس يو پي اڳواڻ اڪرم ميتلو، وحيد سنڌي، يوسف بوزدار، شھريار مرڻاس ۽ ٻين ڪئي، جسقم تعلقي باقراڻي طرفان قتل ڪيل صحافي جان محمد مهر ۽ اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جسقم تعلقي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن الله بخش چانڊيو ڪاشف ابڙو اياز لاشاري ۽ ٻين هٿن ۾ جهنڊا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڪوٽڙي ۾ به پريا ڪماري جي آزادي ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي ناحق قتل خلاف الله واري چوڪ کان جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، ڪاشف عباسي ،عابد شيخ جي اڳواڻي ۾ پيادل مارچ ريلي ڪڍي وئي، رتيديري ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جسقم اڳواڻن مومن سمون، آصف اوڍو ، سجاد خاصخيلي، اسد کوکر ، زبير ڀٽو ، انصار چنو ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو، جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڏوڪري ۾ قومي ڪارڪنن ۽ سڄاڻ ڌرين جي اڳواڻن رڪ سنڌي، امتياز کوهارو، رياض ميراڻي، انور خاصخيلي، نثار احمد ڪوري، جنيد کوهارو، ساحل شيخ، طفيل سنڌي، نديم جوڻيجو، فرحان جتوئي، صاحب پنهور، پنهل ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته ميرپورخاص، بدين، خانواهڻ، نوشهروفيروز، مٺياڻي، دادو، ميهڙ، نصيرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ جسقم طرفان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت غير ذميواري جو مظاهرو ڪري رهي آهي لڳي ئي نٿو ته سنڌ ۾ ڪو قانون آهي، هنن چيو ته معصوم پريا ڪُماري کي 22 مهينا اڳ جيڪب آباد مان 10 محرم جي ڏينهن سبيل ورهائيندي اغوا ڪيو ويو جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به ڏس پتو نه آهي، هنن چيو ته معصوم پريا ڪمُاري جا والدين ۽ اسان مسلسل 22 مهينن کان هر پليٽ فام تي احتجاج رڪارڊ ڪرايا آهن پر سنڌ حڪومت جي ڪن تي جوءُ نٿي چري، ٻارڙي کي آزاد ڪيو وڃي، هنن چيو ته راڻيپور  ۾ معصوم ٻارڙي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي، شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.