سون جي اگهه ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 300 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 25 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 257 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 93 هزار 158 رپين جو ٿي ويو آهي.

عمر اڪمل جي نواز شريف سان ملاقات

لنڊن (م ڊ) قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل جي لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف سان ملاقات ٿي آهي. ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي عمر اڪمل چيو ته نواز شريف سان ڪرڪيٽ بابت گفتگو ٿي، ميان صاحب کي هڪ درخواست ڪئي آهي،

جيڪا اميد آهي ته قبول ٿيندي. هن چيو ته فٽينس سٺي آهي، پاڪستان ٽيم ۾ کيڏڻ چاهيان ٿو، ڪرڪيٽ لاءِ حالتون سٺيون آهن، ميان صاحب جي اچڻ سان اڃا وڌيڪ سٺيون ٿينديون.

ڪراچي ۾ پي آءِ اي ملازمن جو احتجاج

ڪراچي( رپورٽر) پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) کي ٻن انتظامي ڊويزنن ۾ ورهائڻ ۽ پگهارن ۾ واڌ بابت ملازمن ۽ آفيسرن جو احتجاج ٻئي ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. احتجاج ڪندڙ ملازمن پاران ٻن ڪلاڪن جي هڙتال جو اعلان ڪندي جمعي جي نماز کانپوءِ پي آءِ اي هيڊ آفيس جي گيٽ تي ڌرڻو هنيو ويو.  ملازمن پاران انتظاميا، نجڪاري ۽ ايئر لائنز کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا جن تي پگهارون وڌائڻ ۽ ٻين مطالبن جا مطالبا لکيل هئا.  مقررين نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي پي آءِ اي جي نجڪاري بند ڪري پگهارن ۾ واڌ ڪئي وڃي.

آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ وري واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ وري واڌ ٿي وئي. اسٽيٽ بئنڪ موجب هلندڙ هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه 86 پئسا وڌيو. انگن اکرن موجب رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه 295 رپيا 78 پئسا ٿي ويو آهي.

پاڪ ۽ افغان ون ڊي سيريز ۾ شوقينن جي مفت داخلا

ڪابل (م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ميچن دوران شوقينن جي مفت داخلا جو اعلان ڪيو ويو آهي. سيريز جي ميزبان افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ شوقينن لاءِ فري انٽري جو اعلان ڪيو آهي . پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سريلنڪا ۾ ٽن ميچن جي سيريز کيڏي ويندي ۽ ٽنهي ميچن ۾ شوقين بنا ٽڪيٽ جي اسٽيڊيم وڃي ميچ ڏسي سگهندا. پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 22 آگسٽ، ٻي 24 ۽ ٽين 26 آگسٽ تي ٿيندي، ميچون همبنٽوٽا ۽ ڪولمبو ۾ شيڊيول آهن.

گورنر خيبرپختونخواهه نگران صوبائي ڪابينا جي قيام جي سمري منظورڪري ڇڏي

پشاور( م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر نگران وڏي وزير اعظم خان پاران صوبائي ڪابينا جي قيام جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  منظوري کانپوءِ نگران صوبائي وزير سڀاڻي گورنر هائوس ۾ حلف کڻندا، خيبرپختونخواهه جو گورنر غلام علي نگران وزيرن کان حلف کڻائيندو. دستاويزن موجب سيد مسعود شاهه، فيروز جمال شاهه، جسٽس (ر) ارشاد قيصر نگران وزير هوندا. ان کانسواءِ احمد رسول بنگش، آصف رفيق، ڊاڪٽر نجيب الله، ڊاڪٽر محمد قاسم جان، جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، سيد امير عبدالله به نگران وزير هوندا.

چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين جو جڙانوالا سانحي تي اعليٰ سطحي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو

اسلام آباد( م ڊ) رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد سانحي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته اسلام يا شرعي قانون ڪنهن جي گهر يا عبادت گاهه کي ساڙڻ جي اجازت نٿو ڏئي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ آبادگارن کي ساڙڻ ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته اقليتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ اسلامي رياست جي ذميواري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.