سموريون پارٽيون عورتن ۽ اقليتن کي نظرانداز ڪن پيون: عورت اڳواڻ

ڪراچي (رپورٽر) مختلف پارٽين جي عورت اڳواڻن توڙي گهريلو عورتن مطالبو ڪيو آهي ته ايندڙ اليڪشن جي لاءِ مختلف پارٽين پاران تيار  ٿيندڙ پارٽي منشور ۾عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ نوجوانن جي نمائندگي شامل ڪري، جنرل سيٽن تي عورتن کي وڌ ۾ وڌ ٽڪيٽ ڏئي اسيمبلين تائين پهچايو وڃي، ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ سائوٿ ايشيا پارٽنرشپ پاران ڪوٺايل عورتن جي جذبي واري سيمينار کي خطاب ڪندي سائينه علي چيو ته سموريون سياسي پارٽيون عورتن ۽ اقليتن کي نظرانداز ڪن ٿيون، هن وقت اليڪشن کان اڳ سياسي پارٽين کي پنهنجي ايجنڊا ۾ عورتن ۽ اقليتن توڙي نوجوانن جي حوالي سان منشور ۾ نقطا شامل ڪرائڻ گهرجن، ايم ڪيو ايم اڳواڻ سڪندر خاتون چيو ته ايم ڪيو ايم واحد سياسي پارٽي آهي جنهن پهريون اقليتي برادري جي عورت منگلا شرما کي اسمبلي پهچايو، ايم ڪيو ايم هيٺئن طبقي جي نمائنده جماعت آهي، پ پ جي اڳواڻ روبينا جبار چيو ته پ پ برابري جي بنيادن تي شهرين کي حق ۽ انصاف ڏيارڻ واري واحد ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي جماعت آهي، گذريل ڀيري به قومي اسمبلي ، سينيٽ ۽ سنڌ ۾ اقليتي برادري جا چونڊجي آيل نمائندا شامل هئا, پي ٽي آءِ جي نومي بشير چيو ته سياسي پارٽيون جيڪي منشور ۾ رکن ٿيون انهي تي عمل نه ٿيون ڪن، عورتن، اقليتن ۽ ٻارن توڙي نوجوانن لاءِ برابري جا موقعا ناهن، نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان ناهن، اهي موبائيل فون کان وٺي ڪنهن نشي جي عادت تائين وڪوڙجي رهيا آهن، عورتن مطالبو ڪيو ته سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي منشور ۾عورتن، نوجوانن ۽ اقليتن کي انهن جي آبادي جي تناسب  نمائندگي ڏئي، نوجوانن لاءِ صحتمند سرگرميون جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.