پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جا مظاهرا

ڪراچي (پ ر) نگران حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ ڪيل ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف امير جماعت اسلامي سراج الحق جي اپيل تي  ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويا، پيٽرول جي قيمتن سميت مهانگائي خلاف قراردادون پڻ منظور ڪيون ويون، اڳواڻن جو چوڻ هو ته غيرن جي غلام ۽ آءِ ايم ايف جي اشارن تي نچڻ وارن حڪمرانن ظالماڻين پاليسين ذريعي عوام جو جيئڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي کانپوءِ ٽرانسپورٽ جي ڪراين سميت روزاني واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيندو، ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، سکر، تنگواڻي، رسالدار، ڪشمور، عرضي ڀٽو، ميرپورخاص، ٽنڊوجان محمد،  شڪارپور، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، خيرپور ميرس، بدين، مٺي، گهارو، جهرڪ سميت مختلف شهرن ۾ جماعت اسلامي جي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا، جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ڪراچي ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته بجيٽ جو خسارو پورو ڪرڻ ۽ پنهنجون عياشيون جاري رکڻ لاءِ آءِ ايم ايف جي فرمائش تي سڄو بار عام ماڻهو مٿان وجهڻ سراسر ظلم آهي، بجلي، گيس ۽ روزاني واهپي وارين شين جي اگهن ۾ اضافي جي ڪري عام ماڻهو اڳ ۾ ئي غربت، بُک، بدحالي ۽ مفلسي جي ڪري سخت پريشان آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪيل تازو اضافو  واپس ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.