ڪوئيٽا ( م ڊ) بلوچستان جي نگران وڏي وزير عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، نگران بلوچستان جي وڏي وزير علي مردان ڊومڪي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، بلوچستان جي نگران وڏي وزير جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس بلوچستان ڪوئيٽا ۾ ٿي، گورنر بلوچستان ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ نگران وڏي وزير کان ان جي عهدي جو حلف ورتو، علي مردان ڊومڪي جو تعلق بلوچستان جي علائقي لهڙي سان آهي، هو اڳوڻي سينيٽر مير حضور بخش ڊومڪي جو پٽ آهي.