هنوئي (ويب ڊيسڪ) ويتنام سان واسطو رکندڙ Pham Nhat Vuong نالي شخص هڪ ڏينهن ۾ 39 ارب ڊالرز ڪمائي ايشيا جو پنجون امير ترين شخص بڻجي ويو آهي.
هن جي بجلي تي هلندڙ گاڏيون تيار ڪندڙ ڪمپني ون فاسٽ آٽو جي شيئرز جي قيمتن ۾ آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڊيبيو کان پوءِ 255 سيڪڙو اضافو ٿيو.
15 آگسٽ تي ون فاسٽ آٽو آمريڪي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ قدم رکيو هو ۽ پهرين ڏينهن ان جي شيئرز جي قيمت 37.06 ڊالرز تي بند ٿي.
ان ٺوس شروعات سان Pham Nhat Vuong جي دولت ۾ نمايان واڌ ٿي جيڪو پهريان رڳو 5 ارب ڊالرز جو مالڪ هو پر هاڻ سندس اثاثن جي ماليت 44.5 ارب ڊالرز تائين پهچي وئي آهي.