چهري تي داڻن ۽ داغن جا ڪيترائي سبب هوندا آهن جن ۾ بيڪٽيريا، مُئل جيو گھرڙا ۽ چهري تي ايندڙ سڻڀ عام آهن پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن صفائي جي اصولن جو خيال نه رکيو وڃي تڏهن به چهري تي داڻا ٿي سگھن ٿا.
هڪ تازي انڪشاف ۾، جلد جي ماهر ڀارتي ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر گيتيڪا متل گپتا داڻن ۽ ڏند برش ڪرڻ جي اسان جي عادتن وچ ۾ غير امڪاني واسطي تي روشني وڌي آيه، ان کانسواءِ به ماضي ۾ ان حوالي سان ڪيترائي مطالعا ڪيا ويا آهن.
مختلف تحقيق رپورٽ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته وهنجڻ کان پوءِ يا وهنجڻ وقت ڏند برش ڪرڻ سان چهري تي داغا ٿي سگھن ٿا.
هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾ ڊاڪٽر گيتيڪا وضاحت ڪئي ته وهنجڻ کان پوءِ پنهنجا ڏند برش ڪرڻ امڪاني طور تي جلد جي خرابي جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
هن موجب جڏهن اسان پنهنجا ڏند برش ڪندا آهيون ته اسان جي وت مان اسان جي جلد ۾ بيڪٽيريا منتقل ٿيڻ جو وڌيڪ امڪان هوندو آهي، اها منتقلي، خاص طور تي وات ۽ کاڏي جي چوڌاري جلن جو سبب بڻجي سگھي ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ داغا ۽ داغ ٿي سگھن ٿا.
ان کانسواءِ آمريڪي ماهرن چيو آهي ته وهنجندي وقت يا ان کان پوءِ برش ڪرڻ سان وات ۽ ڀاٿ روم جا بيڪٽيريا منهن تي پکڙجڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي، تمام سٺو هوندو ته جيڪڏهن وهنجڻ کان اڳ ئي ڏند برش ڪيا وڃن ۽ پوءِ وهنججي، ان سان چهري تي موجود بيڪٽيريا جو خاتمو ٿي ويندو.
ان کانسواءِ ماهرن جو چوڻ هو ته سٺي صحت لاءِ ضروري آهي ته هٿن کي ڌوئي منهن تي لڳايو وڃي، هر هر چهري کي ڇُهڻ کان پاسو ڪيو، ان کانسواءِ مائوٿ واش سان گُرڙيون ڪري وات صاف ڪريو ته جيئن بيڪٽيريا ختم ٿي وڃن.