ڇا اوهان کي به ائين لڳندو آهي ته گرمي ۾ اوهان جو رنگ ڪارو ٿي ويو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته گهٻرائڻ بدران پنهنجي اسڪن ڪيئر رٽين ۾ ٿوري تبديلي آڻيو ۽ پنهنجي رنگ کي ساڙيندڙ اُس ۽ تيز گرمي ۾ به تازو رکو.
گرمين جي موسم ۾ جلد جي حفاظٽ جي حوالي سان اُهي ڪهڙيون تبديليون آهن جيڪي اوهان کي ڪرڻيون آهن اچو ته بابت ڳالهايون ٿا؟
ميڪ اپ پراڊڪٽس گھٽايو
جيئن گرمي جي موسم ۾ اوهان جسم لاءِ ٿلهن ڪپڙن بدران سنهڙن ڪپڙن جي چونڊن ڪندا آهيو بلڪل اُئين ئي چهري جي کَلهه به اوهان کان ٿورو گھڻو چاهيندي آهي. گرم موسم ۾ نان ڪامڊوجينڪ (چهري جي داغن ۽ داڻن لاءِ فائديمند) اسڪن ڪيئر پراڊڪٽ جي چونڊ ڪيو.
ڊرماٽولوجسٽ (کَلهه جي ماهرن) موجب گرمين ۾ ميڪ اپ پراڊڪٽس جو استعمال گھٽائي ڇڏيو فائونڊيشن، ڪنسيلر ۽ بلش آن جو استعمال به خاص تقريبن تائين محدود ڪري ڇڏيو.
سن اسڪرين جو لازمي استعمال ڪيو
گھڻيون عورتون ايس پي ايف 30 يا ان کان وڌيڪ سن ڪيئر تي ٻڌل موئسچرائزر جو استعمال ڪندا آهن پر اها چونڊ گرمي جي موسم لاءِ مناسب ناهي، گرمي جي موسم ۾ خاص ڪري جڏهن اوهان ٻاهر وڃي رهيا آهيو ته هٿن، پيرن، ڪنڌ تي سن اسڪرين جو سٺي مقدار ۾ لڳايو اهو اوهان کي سج جي هاڃيڪار شعاعن کان بچائيندو.
جلد جي صفائي
گرم ڏينهن گذارڻ کان پوءِ چهري جي صفائي خاص اهميت رکي ٿي تنهنڪري منهن ڌوئڻ وقت آڱرين جي مدد سان ڪلينزر جو ٿورو مقدار منهن تي لڳايو ۽ هوريان هوريان ڪلينزنگ ڪيو ان کان پوءِ هلڪي گرم پاڻي جي مدد سان منهن ڌوئي ٽاول سان صاف ڪري ڇڏيو.
طبي ماهر گرم موسم ۾ لازمي ٻيهر منهن ڌوئڻ جو مشورو ڏيندا اهن.
جلد کي ايڪسفوليٽ ڪيو
ايڪسفوليشن جو عمل گرمين جي موسم ۾ اسڪن ڪيئر روٽين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ بهترين چونڊ آهي ان سان چهري جي مُئل جيوگھرڙن کي منهن ڏيڻ ۽ جلد کي نرم رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ونهنجڻ کان پوءِ ٽونر، موئسچرائزر يا لوشن کان پوءِ ايڪسفوليٽ جو عمل جلد کي نرم رکڻ ۾ مدد ڏيندو.
وڌ کان وڌ پاڻي پيئو
وڌ کان وڌ پاڻي جو استعمال نه رڳو اوهان جي جسم کي پر اوهان جي جلد کي به خوبصورت رکڻ جواهم طريقو آهي، اهو سوچڻ بدران اوهان کي ڏينهن ۾ ڪيترا گلاس پاڻي پيئڻ گھرجي پيشاب جي رنگ مان هائڊريشن جو اندازو لڳايو جيڪڏهن اوهان جي پيشاب جو رنگ گھرو ڦڪو آهي ته ان جو مطلب آهي ته اوهان کي وڌ کان وڌ پاڻي پيئڻ جي ضرورت آهي پر جيڪڏهن اوهان جي پيشاب جو رنگ گھٽ ڦڪو آهي ته اوهان ڊي هائڊريشن جو شڪار ناهيو.