ممبئي (ويب ڊيسڪ) باندرا جي هوٽل ۾ چڪن جي ٻوڙ مان ڪڪڙ بدران ثابت ڪوئو نڪري آيو، جنهن کان پوءِ پوليس هوٽل جي مينيجر ۽ بورچي کي گرفتار ڪري ورتو.
آچر جي رات انوراگ سنگهه پنهنجي دوست امين سان گڏ باندرا ۾ جي هوٽل تي ماني کائڻ ويو هو. اتي هن هڪ چڪن ۽ هڪ مٽن جو ٻوڙ آرڊر ڪيو. انوراگ سنگهه پنهنجي لاءِ چڪن ۽ دوست لاءِ مٽن گھرايو.
انوراگ گرهه کائڻ شروع ڪيو ته کيس احساس ٿيو ته ٻوٽي جو ذائقو روايتي چڪن جهڙو نه هو، جنهن تي هن غور سان گوشت جي ٻوٽي جو جائزو ورتو ته ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو ته جنهن ٻوٽي کي هن چڪن سمجهي وات ۾ وڌو اُهو اصل ۾ مئل ڪوئو هو.
اهو انڪشاف ٿيڻ بعد ٻئي دوست ڪاوڙجي پيا ۽ هنن هوٽل جي مينيجر کي گھرايو ۽ ان کان سوال ڪيو ته چڪن جي آرڊر ۾ ڪوئو ڪٿان آيو جنهن تي مينيجر هيلا بهانا شروع ڪري ڇڏيا.
ان تي انوراگ سنگهه پوليس کي فون ڪري ڇڏيو جنهن بعد پوليس پهچي مينيجر ۽ بورچي کانسواءِ چڪن سپلائر کي به گرفتار ڪري ورتو.