خوبصورتي لاءِ ساوا ڌاڻا

ڪجهه ماڻهن خاص ڪري عورتن کي مختلف صورتن يا ڪريمن جي استعمال جي ڪري چهري تي وڏا ڪارا داغ ٿي ويندا آهن جنهن جي ڪري جتان ڪٿان ڪارا داغ شروع ٿي ويندا آهن، خاص طور تي منهن جو مٿيون حصو، انکانسواءِ اُس ۾ نڪرڻ سان مٿي ۽ نڪ جو رنگ تڪڙي خراب ٿي ويندو آهي جنهن سان منهن ٻه رنگو بڻجي ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اسان گهريلو ٽوٽڪن ڏي وڌندا آهيون جيڪي ڪنهن قسم جو نقصان ناهن ڏيندا، ڇو ته ڪيتريون ئي ڪيميڪل واريون شيون اسان کي اهو فائدو ناهن ڏئي سگهنديون جيڪو گهريلو ٽوٽڪا ڏيندا آهن ٻيو نه ته اهي گهٽ ۾ گهٽ ڪو به نقصان ناهن ڏيندا.

هتي اسان هڪ اهڙو نسخو آندو آهي جنهن تي عمل ڪري چهري جي وڏي ڪارن داغن کان بچي سگهجي ٿو اهو به بنا ڪنهن نقصان جي.

هڪ موڙي سائي ڌاڻن جي کڻو، انهن کي صاف ڪري پاڻي سان ڌوئي پوءِ ڪُتري انهن کي گرائينڊ ڪري ۽ پيسٽ ٺاهيو، جيئن چٽڻي هوندي آهي.

پوءِ انکي ڇاڻي ان جو جوس الڳ ڪيو، پوءِ ان ۾ اڌ چمچو گلسرين، اڌ چمچو ماکي ۽ وٽامن اِي جو هڪ ڪيپسول وجهي ڪنهن شيشي جي بوتل ۾ وجهي رکو.

هاڻي اهو سيرم يا نسخو تيار ٿي ويو، انکي روز رات جو سمهڻ کان اڳ پنهنجي چهري تي لڳايو. رڳو هڪ مهيني تائين استعمال کانپوءِ توهان کي پاڻ کي واضح فرق محسوس ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.