ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ هزار رپين جو واڌارو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، هڪ تولو سون هڪ هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ان جي قيمت 4 لک 27 هزار 436 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون جو اگهه 857 رپيا وڌڻ کانپوءِ 3 لک 66 هزار 457 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 10 ڊالر واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ هڪ اونس سون جو اگهه 4 هزار 50 ڊالر ٿي ويو آهي.