لوساڪا (ويب ڊيسڪ) افريقي جهنگلي ڪتن جي ٽن نر ڀائرن جي غول زيمبيا ۾ ساٿي جي ڳولا دوران 4 هزار ڪلوميٽر جو رڪارڊ سفر مڪمل ڪري ورتو، جيڪو خشڪي تي رهندڙ ڪنهن به افريقي مماليه( کير ڏيندڙ ) جانور جو ساٿي جي ڳولا ۾ رڪارڊ ٿيل سڀ کان ڊگهو سفر قرار ڏنو پيو وڃي.
سائنسدانن موجب، ٽنهي ڀائرن اٺن مهينن دوران زيمبيا جي مُنجهيل زميني رستن تان سفر ڪندي وڏن شهرن، صنعتي علائقن ۽ انساني آباديءَ وارن ٻين علائقن کان بچندي مختلف جهنگلي جيوت وارن علائقن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته هن تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته اوڀر ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ افريقي جهنگلي ڪتن جون مختلف آباديون اڳوڻن اندازن کان وڌيڪ هڪٻئي سان ڳنڍيل ٿي سگهن ٿيون، ان باوجود به غيرقانوني شڪار لاءِ لڳايل ڦندا انهن ناياب جانورن لاءِ سنگين خطرو بڻيل آهن، ڇاڪاڻ ته ٽريڪ ڪيل ٻين جهنگلي ڪتن مان ڪجهه اهڙن ڦندن ۾ ڦاسي مري ويا.
تحقيق موجب، ٽن مادي ڀينرن به لڳ ڀڳ اهڙو ئي سفر شروع ڪيو، پر انهن مان ٻه سفر دوران مري ويون.
ان کانسواءِڻ محققن زنده بچيل جانورن کي هڪ ئي هنڌ بار بار واپس ايندي به ڏٺو، جنهن کي ماهرن ڪنهن ساٿي جي اتي مرڻ جي نشاني قرار ڏنو آهي
واضح رهي ته افريقي جهنگلي ڪتن جي جهنگ ۾ تعداد لڳ ڀڳ 6 هزار تائين محدود رهجي ويو آهي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته انهن جي بقا لاءِ محفوظ علائقن کي فطري راهدارين ذريعي ڳنڍڻ ضروري آهي، جيئن روڊن، شهرن ۽ زرعي زمينن سبب جهنگلي حياتيءَ جون آباديون هڪٻئي کان ڌار نه ٿين.
مادي ساٿڻ جي ڳولا ۾ لاڳيتو اٺ مهينا هَلُ هلان، جهنگلي ڪتن 4 هزار ڪلوميٽر تائين جو سفر ڪري رڪارڊ ٺاهي ڇڏيو
You might also like