سرڪاري پگهاردار جدوجهد ناڪام ڪرائڻ ۽ ”ڀتي خور ليڊر“ ذريعي مايوس ڪرڻ ۾ لڳل رهيا: مسرور شاهه

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پورهيت مزاحمت تحريڪ جي مرڪزي صدر مسرور شاهه چيو آهي ته ميرٽ جي لتاڙ خلاف نوجوانن جي چئن مهينن تي محيط جدوجهد شاندار رهي آهي، جيڪا ڪيترين ئي حاصلاتن سان گڏ اڄ تائين جاري آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته نوجوانن شفافيت ۽ انصاف جي سوال تي سماج کي حساس ڪيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي سياسي سرپرستي واري نظام کي وائکو ڪيو آهي.
هن چيو ته نوجوانن انهن ڪرپٽ ماڻهن کي به وائکو ڪيو، جيڪي سرڪار جا پگهاردار ٿي ڪڏهن سندن جدوجهد کي ڊيريل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ ڪڏهن ڪنهن ”ڀتي خور سياسي ليڊر“ ذريعي کين مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مسرور شاهه چيو ته سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي پنهنجي قيادت پاڻ ڪئي آهي.
هن چيو ته اڄ مختلف ترقي پسند قومپرست اڳواڻن، جيڪي پهرين ڏينهن کان نوجوانن سان گڏ هئا کي مان ڏيندي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال واري فيصلي کي واپس ورتو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪالهه هڪ نوجوان جي طبيعت انتهائي خراب ٿي چڪي هئي ۽ ڊاڪٽرن پڻ کين اهو مشورو ڏنو هو.
هن چيو ته نوجوان پنهنجي جدوجهد جي نئين حڪمت عملي جلد واضح ڪري جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪندا. جدوجهد ۾ ساهه پٽي دشمن تي نئين حملي جي تياري ڪرڻ انتهائي لازمي آهي.

You might also like