ڪولڪاتا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اولهه بنگال جي مسلمان آءِ پي ايس آفيسر بشريٰ بانو جو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو کانپوءِ بدلي ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ کيس ”السلام عليڪم“، ”ان شاءَ الله“ ۽ ”جزاڪ الله“ جهڙا لفظ استعمال ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 14 سيپٽمبر جي سرڪاري حڪم تحت، 2021ع بيچ جي آءِ پي ايس آفيسر بشريٰ بانو کي کڙگپور جي ايڊيشنل سپرنٽنڊنٽ آف پوليس جي عهدي تان هٽائي رياستي هٿياربند پوليس جي چوٿين بٽالين ۾ ڊپٽي ڪمانڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. سرڪاري اختيارين بدلي کي معمول جي انتظامي ڪارروائي قرار ڏنو آهي.
رپورٽ موجب، وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڪجهه هندو تنظيمن اعتراض واريندي سوال اُٿاريو ته وردي پهريل سرڪاري آفيسر کي مذهبي لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن يا نه؟
”هندو ليگل فنڊ“ نالي تنظيم بشريٰ بانو خلاف اولهه بنگال جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي شڪايت پڻ ڪئي هئي.
ٻئي پاسي مخالف ڌر جي اڳواڻن ۽ ڪجهه مسلم تنظيمن بدليءَ تي سوال اُٿاريندي الزام لڳايو آهي ته بشريٰ بانو کي مسلمان عورت آفيسر هئڻ سبب نشانو بڻايو ويو.
ڀارتي سيڪيولر فرنٽ جي ايم ايل اي نوشاد صديقي بدليءَ کي ”گيراج پوسٽنگ“ قرار ڏنو، جڏهن ته اختيارين اهڙي دعويٰ جي تصديق ناهي ڪئي.
واضح رهي ته بشريٰ بانو علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان هيومن ريسورس مينيجمينٽ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
پوليس سروس جوائن ڪرڻ کان اڳ هوءَ اتر پرديش حڪومت ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر طور خدمتون انجام ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته هوءَ يو پي ايس سي سول سروسز جو امتحان ٻه ڀيرا پاس ڪري چڪي آهي.
ڀارت ۾ ”السلام عليڪم، ان شاءَ الله“ چوڻ تي عورت مسلمان آءِ پي ايس آفيسر کي عهدي تان هٽايو
You might also like