ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ سون جو اگهه 500 رپيا وڌي 3 لک 59 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جي موجب ، 10 گرام سون جي قيمت ۾429 رپيا واڌ رڪارڊ ٿي آهي جنهن بعد اهو 3 لک 8 هزار 213 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي، عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جو اگهه 5 ڊالر واڌ سان 3369 ڊالر آهي.