آمريڪا. پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو برآمدي ملڪ بڻجي ويو: واپار واري وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)واپار واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو برآمدي ملڪ بڻجي ويو آهي، جتي گذريل 4 سالن دوران پاڪستان جو آمريڪا سان واپاري سرپلس 14 ارب 44 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل چئن سالن ۾ آمريڪا لاءِ پاڪستان جون برآمدات 23 ارب 24 ڪروڙ ڊالر رهيون، جڏهن ته ان عرصي دوران آمريڪا مان درآمدات جو حجم 8 ارب 80 ڪروڙ ڊالر رهيو.

گذريل مالي سال 25-2024ع دوران پاڪستان جو آمريڪا سان واپاري سرپلس 4 ارب 9 ڪروڙ ڊالر رهيو، جڏهن ته آمريڪا لاءِ برآمدات جو حجم 5 ارب 84 ڪروڙ ڊالر هو.

ذريعن موجب گذريل مالي سال دوران آمريڪا مان درآمدات 1 ارب 74 ڪروڙ 40 لک ڊالر رڪارڊ ٿيون. ان کان اڳ 24-2023ع ۾ واپاري سرپلس 4 ارب 2 ڪروڙ ڊالر رهيو، جتي برآمدات 5 ارب 29 ڪروڙ ڊالر هيون.

سال 24-2023ع دوران پاڪستان آمريڪا مان 1 ارب 26 ڪروڙ ڊالر جون شيون درآمد ڪيون. جڏهن ته 23-2022ع ۾ واپاري سرپلس 3 ارب 25 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿيو.

انهيءَ سال آمريڪا لاءِ پاڪستان جون برآمدات 5 ارب 28 ڪروڙ 50 لک ڊالر هيون، جڏهن ته درآمدات 2 ارب 3 ڪروڙ 30 لک ڊالر رهيون.

واپار واري وزارت جي ذريعن موجب مالي سال 22-2021ع ۾ پاڪستان جو آمريڪا سان واپاري سرپلس 3 ارب 7 ڪروڙ ڊالر هو، جڏهن ته برآمدات جو گڏيل حجم 6 ارب 83 ڪروڙ ڊالر ۽ درآمدات 3 ارب 76 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.