ڪشمور ۾ هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو وچ بازار ۾ ٻن دڪاندارن کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪشمور(ڊر)ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھ جي وارداتن ۾ ٺاپر نه اچي سگهي، شاھي واھ مارڪيٽ وٽ ڪريانا جي دڪان مالڪ ڪاشف ڪلوڙ ۽ ﷲ بچايو ڪلوڙ مٿان نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني گوليون لڳڻ سبب ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿيا. زخمن جا سور نه سهندي ھڪ ڄڻو ڪاشف ڪلوڙ خانگي اسپتال ۽ ٻيو زخمي ٿيل ﷲ بچايو ڪلوڙ تعلقي سول اسپتال ڪشمور ۾ فوت ٿي ويو. ماڻهن جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ڪريانا دڪان تي ويٺل ڪاشف ڪلوڙ ۽ ﷲ بچايو ڪلوڙ مٿان اچڻ سان ئي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي سول اسپتال ڪشمور آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا آهن فوتين جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪون ھئي ناحق ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪري جوابدار فرار ٿي ويا آهن ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد ھٿياربندن کي گرفتار ڪيو ويندو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪلوڙ برادري جي ڪاشف ڪلوڙ ۽ استاد ﷲ بچايو ڪلوڙ جا مڙهه ضروري ڪارروائي کانپوءِ پنهنجي گهرن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن.

You might also like