لاهور(منصور علي خان) 12 ڪلاڪن اندر هڪ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي،مريم نواز کان سرڪاري جهاز جي استعمال بابت سوال ۽ رسيدون گهريون پئي ويون، هن اڃا تائين ناهن ڏيکاريون، پر پئسا باقائده طور جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. 2 ڪروڙ 71 لک 94 هزار 4 رپين جو چيڪ ميڊيا کي ظاهر ڪيو ويو آهي،ان سان گڏ مريم نواز يوٽيوبرز تي سخت ڪاوڙيل نظر آئي،پهرين ڳالهه ته اها ته هي جيڪو 2 ڪروڙ 71 لک رپين جو چيڪ جمع ڪرايو ويو آهي، ان جي ڪليئرنگ تاريخ ظاهر آهي ته سڀاڻي جي لڳل آهي. ان تي فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪيو ته "اڄ 17 سيپٽمبر تي بينڪ جي مهر 18 سيپٽمبر جي لڳل آهي، جيئن ايون فيلڊ معاملي ۾ جعلي قطري خط هو، ائين ئي هي ادائيگي جي رسيد به قطري خط وانگر آهي.” ان تي عظميٰ بخاري جواب ڏنو ته فواد چوڌري جي جهالت جو جواب بئنڪنگ اصولن ڏئي ڇڏيو آهي، بئنڪن ۾ چيڪ جمع ٿيڻ کان پوءِ ڪليئرنس ٻئي ڏينهن ئي ٿيندي آهي.ان ڊپازٽ سلپ مان اها خبر نٿي پوي ته ڇا هي پئسا مريم نواز جي ذاتي اڪائونٽ مان ويا آهن يا نه؟ايندڙ سال جڏهن هوءَ پنهنجي انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائيندي، ته ان ۾ ان سفر جا خرچ ظاهر ٿيڻ گهرجن. مريم نواز کي عام طور تي پنهنجي مالياتي معاملن بابت وڌيڪ خبر ناهي هوندي، هوءَ ميڊيا سان گفتگو ڪندي اڳ ۾ به اهڙيون غلطيون ڪري چڪي آهي (جهڙوڪ سندس اهو مشهور جملو ته "منهنجي لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد ناهي”)ٻيو پوائنٽ اهو آهي ته ڇا هي پهرين دفعو آهي جو توهان سرڪاري جهاز استعمال ڪيو آهي؟ ان کان اڳ جيڪو جهاز استعمال ٿيندو رهيو، ڇا ان جي ادائيگي ٿي هئي يا نه؟ٽيون سوال هي آهي ته 2 ڪروڙ 71 لک رپين جو بل ڪهڙي بنياد تي ٺاهيو ويو آهي؟ اڃا تائين ان جهاز جي مسافرن جي فهرست شيئر ناهي ڪئي وئي. ڇا سندس ڌيءَ به هن سان گڏ سفر ڪيو؟ جيڪڏهن ها، ته ڇا ٻار به سرڪاري دورن تي سرڪاري جهاز استعمال ڪري سگهن ٿا؟مريم نواز ملتان ۾ اليڪٽرو بس سروس جي افتتاحي تقريب دوران ان بابت گفتگو ڪئي. شريف فئمِلي اڪثر اهڙن ئي پليٽ فارمن يا جلسن جو استعمال ڪندي آهي، پريس ڪانفرنس ناهي ڪندي، ڇو ته اتي کانئن ڪو سوال ڪرڻ وارو ناهي هوندو.تنقيد کان بچڻ لاءِ اهو چئي ڇڏڻ ته "پنجاب جي ترقي نٿي برداشت ٿئي” درست دليل ناهي.اصل معاملو اختيارن جي غلط استعمال جو آهي ته توهان سرڪاري جهاز پنهنجي ذاتي سفر لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيئن ڪيو؟ عمران خان جي حڪومت ۾ جڏهن اسان تنقيد ڪندا هئاسين تڏهن توهان کي اهي ئي يوٽيوبرز تمام سٺا لڳندا هئا،ٻئي پاسي سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته وزيراعليٰ پنجاب پنهنجي بيانن ۾ تضاد تي پاڻ ئي غور ڪري،ڪجهه ڏينهن ا ڳ هن لنڊن ۾ چيو هو ته هوءَ موڪلن تي آهي،اڄ پنهنجي سرڪاري جهاز جي ذاتي استعمال کي جائز ثابت ڪرڻ لاءِ هن چيو ته وزيراعليٰ ڪڏهن موڪل تي ناهي هوندي،هن جي ساٿي وزيرن جا بيان به پاڻ ۾ نٿا ملن،هڪ عورت وزير چيو ته اهو جهاز ايئر پنجاب لاءِ خريد ڪيو ويو، ٻي عورت وزير چيو ته ها جهاز وزيراعليٰ لاءِ خريد ڪيو آهي ته جيئن پبلڪ کي رليف ڏئي سگهجي