ڪراچي دنيا جو چوٿون بدترين شهر آهي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڪراچي دنيا جو چوٿون بدترين شهر آهي، پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني ڪراچي کي هن حالت تائين پهچايو آهي.ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته ڪراچي کان به بدتر ٽن شهرن مان ٻه هن وقت گهرو ويڙهه جو شڪار آهن، جڏهن ته ٽئين شهر ۾ حڪومت مخالف احتجاج دوران سوين ماڻهو مارجي ويا. هي اهو ڪراچي آهي، جتي پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني اسان کي پهچايو آهي.مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته جيئن ئي پيپلز پارٽي جي حڪومت آئي، ان مؤثر ۽ بااختيار مڪاني حڪومت جو نظام ختم ڪري ڇڏيو ۽ ايتري قدر جو 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ۾ به مؤثر مڪاني حڪومت جي ڪنهن به تجويز ڪيل نظام جي مخالفت ڪئي. سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جو ان جو ڪو ارادو ناهي.اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي سمورن رهواسين سان امتيازي سلوڪ ڪيو آهي، پوءِ معاملو سرڪاري نوڪرين جو هجي، ترقياتي ڪمن جو يا پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو. صوبي جي 38 سيڪڙو آبادي لاءِ صوبي جي پاڻي جي حصي مان هڪ سيڪڙو ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي، ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ائين نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like