ڪو وقت هيو جڏهن ڪراچي کي روشنين ۽ امن جو شهر ڪوٺيو ويندو هو. وقت گذرندو رهيو ۽ ڪراچي شھر اونداهين ۾ گھرندو ويو، رھزنن ۽ ڏوهارين جي ور چڙهي ويو. ڪراچي جي ھاڻوڪي حالتن ۾ هڪ عورت جي زندگي تي نظر وجھون تھ ”هڪ کُليل در واري پڃري ۾وڍيل پرن سان جهرڪي جنهن جي پيرن ۾ زنجيرون ھجن“. جتي ڏيکاريو ته وڃي ٿو اها آزاد آهي پر پيرن ۾ پيل زنجيرون هن کي چون ٿيون تھ ”تون آزاد ناهين“. ڪراچي ۾ رھندڙ عورت وٽ تعليم ۽ روزگار جا ذريعا ته کوڙ موجود آهن پر حالتن جو خوف به اندر ۾ موجود آھي جيڪو کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو.
ڪراچي! جتي ڏينهن ڏٺي قتل، چوري، ڌاڙا، هراسان ڪرڻ وارا واقعا ۽ تيزاب سان حملا ٿين ٿا. جيڪا عورت پنھجي معاشي حالتن جي سڌاري لاءِ يا وري پنھنجي شعبي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ گهران نڪري ٿي تھ کيس اِهو خوف اندر ئي اندر کائي ٿو، تھ ھوءَ گھران نڪرڻ مھل محفوظ بھ آھي يا نھ؟ واپس گھر سلامت ايندي يا نھ؟ ڪراچي جي تعليمي ادارن ۽ ڪم جي جڳھن تي زيادتي،ه راسان ڪرڻ ۽ تيزاب اڇلائڻ وارا واقعن جو خوف کيس مسلسل غيرمحفوظ محسوس ڪرائي ٿو. کيس اھو بھ خوف کائي ٿو تھ پنھنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندي تھ ڇا ھن سان انتقامي ڪارروائي ڪئي ويندي؟ نتيجي ۾ کيس اغوا ڪري ڪٿي عبرت جو نشانو بڻائي اڇلايو ويندو؟ اھو سبق ڏيڻ لاءِ تھ جيڪا بھ عورت پنھنجي بنيادي حقن لاءِ آواز اٿاريندي تھ ان جو نتيجو اھڙو نڪرندو.
ڪراچي شھر ۾راهھ ويندي، بسين ۾۽ بازارن ۾ ھٿ کس لڳي پئي آهي، ڇا ھاڻ به چئي سگهجي ٿو ته ڪراچي روشنين جو شهر آهي؟ جتي ڪو بھ فرد بشمول هڪ عورت جي محفوظ ئي ناھي. عورت شهري حالتن جي ڪري گهر کان ٻاهر هر وقت خوف ۾ رهي ٿي، جيڪڏهن گهر ۾ آهي ته اِهو خوف اٿس ته منهنجا پنهنجا ٻاهر الاءِ ڪهڙي حال ۾هوندا ۽ ڪيئن هوندا؟
جڏهن ڪا عورت هراساني يا زيادتي جو شڪار ٿئي ٿي ته اُھا پاڻ کي ناپاڪ سمجھي ٿي ۽ بدنامي جي خوف کان آپگھات جھڙو سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. ان باوجود تھ قانون موجود آھي پر قانون تي ڪيترو عمل ٿي رھيو آھي؟ اھو سواليا نشان موجود آھي. ٻئي پاسي قانون کان لاعلمي سبب عورتون ظلم جو شڪار ٿي رھيون آهن. پاڪستان پينل ڪوڊ جا ڪجھھ سيڪشن خاص طور تي عورت کي تحفظ فراھم ڪن ٿا، مثال: 1. سيڪشن 509 موجب جيڪڏهن ڪنهن عورت کي ھراسان ڪيو وڃي ٿو، کيس غيراخلاقي طريقي سان ڇُھيو وڃي ٿو، يا ڪو اھڙو غيراخلاقي اشارو ڪيو وڃي جنھن سان ھوءَ غيرمحفوظ محسوس ڪري يا عورت جي عزت تي حملو ڪيو وڃي ته جوابدار کي ٽن سالن تائين قيد ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ ٿي سگهي ٿو. 2. سيڪشن 376 موجب جيڪڏهن عورت سان زيادتي ڪئي ويندي ته جوابدار کي موت جي سزا يا ڏھھ کان پنجويهه سالن جي قيد ۽ ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.
- سيڪشن 336 A ۽ 336B موجب عورت تي تيزابي حملي ڪرڻ تي جوابدار کي چوڏهن سالن کان جنم ٽيپ ۽ ڏھ لک ڏنڊ ٿي سگهي ٿو . قانون ۾ تيزابي حملي تي وڏو زور ڏنو ويو آهي ڇاڪاڻ ته اِهو ڏوھ تمام اذيت جوڳو آھي. قانون موجود ھجڻ باوجود به جيڪا کوٽ آهي اھا بس شعور جي آھي جنهن سبب ظلم ۾واڌارو ٿي رهيو آهي . اسان کي گهرجي ته ان مسئلي جو حل ڪڍون ۽ ٻيھر ڪراچي کي پرامن ۽ روشنين جو شھر بڻايون.ان لاءِ، سڀ کان پھريون ته قانون جو علم ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪير ظلم ڪندو ته ان جو انجام ڇا ٿيندو؟ ان بابت ڄاڻ عام ڪئي وڃي. عورت کي باهمت بڻايو وڃي حڪومت کي گهرجي ته ٿاڻن تي عورت پوليس جو انگ وڌائي ته جيئن هڪ مظلوم عورت بنا ھٻڪ جي پنهنجا سور اوري سگھي. حڪومت کي گهرجي ته پنڪ بسين جو انگ وڌائڻ سان گڏ ان جي پھچ هر علائقي تائين ڪري جيئن ھر عورت بي خوف ٿي سفر ڪري سگهي. حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي جي ھر ننڍي کان ننڍي ۽ وڏي کان وڏي علائقي ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائي ڇاڪاڻ تھ هڪ عورت نسلن جي پاسدار آهي، ايندڙ نسلن ۾شعور ۽ ھمت جي اميد تڏهن ئي رکي سگھجي ٿي جڏهن اڄوڪي دور جي عورت بي خوف ۽ باشعور ھوندي.