ڪراچي (رپورٽر) مير رضا علي ڪيس ۾ پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه سيد ايس پي ضلعي اوڀر ڏانهن خط لکي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ 14 سنگين خامين جي نشاندهي ڪري ڇڏي، خط موجب ڊاڪٽر سمعيه چيو آهي ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر طرفان لاش جا ايڪسري نه ڪرايا ويا، داخلي زخم تي موجود بارود جي نشانن جو ڪيميڪل تجزيو پڻ نه ڪيو ويو، هن وڌيڪ لکيو ته کوپڙي ۽ ڳچيءَ جو اندريون معائنو به نه ڪيو ويو، ڊاڪٽر سمعيه موجب زخم جي ماپ لاءِ اسڪل استعمال نه ڪئي وئي ۽ نه ئي فارنزڪ معيار موجب تصويرون ورتيون ويون، خط ۾ چيو ويو آهي ته داخلي ۽ خارجي زخم بابت هڏن جي نشانن مطابق ضروري وضاحت پڻ شامل نه ڪئي وئي، خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته لاش جي سڙڻ واري حالت بابت به واضح تفصيل موجود نه آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ داخلي زخم جو سائيز خارجي زخم کان وڏو درج ڪيو ويو آهي، جنهن جي ٻيهر جاچ ۽ تصديق ضروري آهي، ڊاڪٽر سمعيه اهو پڻ لکيو آهي ته چهرو سڃاڻپ لائق نه هجڻ باوجود سڃاڻپ جي تصديق لاءِ ڊي اين اي نمونا حاصل نه ڪيا ويا، جڏهن ته هن انهن سمورن معاملن جي وڌيڪ جاچ ۽ ضروري قانوني ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، ٻئي پاسي هن معاملي تي ڪراچي پوليس چيف ايڊيشنل آءِ جي آزاد خان چيو آهي ته مير رضا جي موت واري واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي، ميڊيڪل رپورٽ بابت اٿندڙ معاملن جو به جائزو ورتو پيو وڃي، خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ پوليس سرجن جي ماتحت ميڊيڪل آفيسر تيار ڪئي هئي، جنهن لاش جو معائنو ڪري رپورٽ پوليس سرجن حوالي ڪئي پر اها رپورٽ ٻن ڏينهن تائين پوليس سرجن وٽ رهي، جيڪڏهن رپورٽ ۾ ڪو مسئلو هو ته ان کي فوري طور درست ڪيو وڃي ها، ايڊيشنل آءِ جي موجب پوليس سرجن نه پاڻ لاش جو معائنو ڪيو ۽ نه ئي ميڊيڪل ڪيو، جڏهن ته پوليس پنهنجي جاچ شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ جي بنياد تي اڳتي وڌائي، هن وڌيڪ چيو ته فوتي جي هٿ مان گن پائوڊر جا نشان هجڻ يا نه هجڻ جي تصديق پڻ ضروري آهي، ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري ميڊيڪل ٽيم حوالي ڪيا هئا، جيڪڏهن پوليس سرجن کي ڪو اعتراض يا خدشا هئا ته انهن بابت پوليس کي آگاهه ڪرڻ گهرجي ها، جيڪڏهن مير رضا جا وارث گهرن ته ٻيهر ميڊيڪل معائنو پڻ ڪرايو ويندو، هن ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تان هٿيار غائب ٿيڻ واري معاملي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته مير رضا علي جي وارثن، مائٽن ۽ نوجوانن پاران ڪراچي ۾ مختلف هنڌن تي احتجاج پڻ جاري رکيو ويو، مظاهرين جو چوڻ هو ته هن معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، پوليس جي غفلت تي جاچ ٿيڻ گهرجي، اسان جي نوجوان آپگهات ناهي ڪيو، هي سڌو سنئون قتل آهي، قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي.