ڪراچي ۾ ڏيڍ ورهين جي نياڻي زيادتي کان پوءِ قتل، احتجاج، ويجهو مائٽ گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ ڏيڍ ورهين جي نينگري جي فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي علائقي ۾ ڏک جي لهر پکيڙي ڇڏي، نينگري جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ مرده خاني حوالي ڪيو ويو، وارثن الزام هنيو ته نينگري سان مبينا زيادتي ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ سندس موت واقع ٿيو، خاندان موجب واقعي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ منان نالي شخص کي پاڻ پڪڙي ڊفينس ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار سندن ويجهو مائٽ آهي، جيڪو اڪثر نينگري کي شيون وٺي ڏيڻ جي بهاني سان پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو، پوليس جوابدار کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي حتمي نوعيت، موت جي سبب ۽ مبينا زيادتي بابت واضح صورتحال پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ رپورٽن اچڻ کانپوءِ سامهون ايندي، جڏهن ته معصوم نياڻي ايزل علي سان مبينا زيادتي ۽ قتل واري واقعي کان پوءِ وارثن ۽ علائقي واسين سخت احتجاج ڪيو ۽ جوابدار کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، نينگري جي والد وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي واري ڏينهن جوابدار منان نياڻي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، پر ويهن منٽن تائين واپس نه آيو، جڏهن جوابدار نينگري کي واپس گهر آندو ته هوءَ بيهوش جهڙي حالت ۾ هئي، گهرڀاتين شروعاتي طور علاج جي ڪوشش ڪئي، پر طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي وئي ۽ کيس الٽيون اچڻ لڳيون بعد ۾ کيس ويجهي اسپتال ۽ پوءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پهچڻ کان اڳ ئي نينگري فوت ٿي وئي، ٻئي طرف نينگري جي قتل جو ڪيس والد راڻا علي اڪبر جي فرياد تي ڊفينس ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ گرفتار جوابدار منان ولد عاشق حسين کي نامزد ڪيو ويو.

You might also like