آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي چونڊن کان پوءِ پاڪستان جي سياست هڪ ڀيرو ٻيهر تيز سياسي بيان بازي، ڌانڌلي جي الزامن ۽ حڪومت جي مستقبل بابت دعوائن جي ور چڙهي وئي آهي. چونڊن جا غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچڻ سان گڏ نه رڳو سياسي جماعتن وچ ۾ اختلاف وڌيا آهن، پر انهن نتيجن کي وفاقي سياست سان پڻ ڳنڍيو پيو وڃي.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊن جي مھم دوران مختلف شھرن علاقن ۾ خطاب ڪندي نه فقط ھاڻ پر پھرين ڌانڌلي ٿيڻ جا خدشا ظاھر ڪندي رھيو ھن ان اليڪشن کي غير شفاف قرار ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي "ابتي ڳڻپ” شروع ٿي چڪي آهي. سندس موقف ھو ته چونڊن دوران عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آھي تنهن هوندي به پيپلز پارٽي اهم سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي بلاول دعويٰ ڪئي ته ميرپور ۽ مظفرآباد ۾ پارٽي جون "چوري ٿيل سيٽون” واپس حاصل ڪيون وينديون ۽ پيپلز پارٽي سياسي جدوجهد جاري رکندي. هن 10 آگسٽ تي پونڇ ۽ باغ ۾ عوامي رابطي جي مهم جو به اعلان ڪيو
.ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) انهن سڀني الزامن کي سختي سان رد ڪندي آزاد ڪشمير ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله موجب 45 مان 23 سيٽن تي ڪاميابي کين واضح اڪثريت ڏني آهي، جڏهن ته چونڊن کان پوءِ پارلياماني عمل ذريعي حڪومت قائم ڪئي ويندي. سندس چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ڌانڌلي جا الزام لڳائڻ باوجود ڪو به مضبوط ثبوت پيش نه ڪري سگهي ۽ وقت سان گڏ انهن جي دعوائن جو دائرو به محدود ٿيندو ويو.راڻا ثناءُ الله پيپلز پارٽي تي اهو به الزام هنيو ته مظفرآباد ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي احتجاجي صورتحال پيدا ڪئي وئي، جنهن سبب خوف ۽ هراس جي فضا پيدا ٿي ۽ ووٽرن جي شرڪت متاثر ٿي. هن چوڌري لطيف اڪبر تي مبينا حملي جي دعويٰ کي به وڌاءُ قرار ڏيندي چيو ته جيڪڏهن واقعي اهڙو واقعو پيش آيو هجي ها ته طبي ثبوت ضرور سامهون اچن ها.
پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت به چونڊن جي شفافيت بابت سخت اعتراض اٿاريا آهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ الزام لڳايو ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ واضح هم آهنگي نظر آئي، جنهن جو مقصد پيپلز پارٽي کي نقصان پهچائڻ هو. سندس چوڻ ھو ته پارٽي چونڊن کان اڳ به بار بار شفاف چونڊن جو مطالبو ڪيو، پر انتظامي ۽ چونڊ عمل دوران ڪيل شڪايتن تي ڪو به اثرائتو قدم نه کنيو ويو.
شرجيل ميمڻ جو موقف آهي ته 2024ع جي عام چونڊن کان پوءِ جنهن قسم جا تڪرار سامهون آيا هئا، آزاد ڪشمير ۾ به ساڳئي نوعيت جون شڪايتون ورجايون ويون. هن الزام هنيو ته ڪجهه تڪن ۾ اڳواٽ ٺپيل بيلٽ پيپر، جعلي ٺپن ۽ پولنگ اسٽيشنن اندر مبينا مداخلت جا ثبوت به سامهون آيا آهن. سندس مطابق پيپلز پارٽي انهن معاملن کي قانوني، آئيني ۽ جمهوري فورمن تي کڻي ويندي. انهن الزامن جي جواب ۾ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن پارٽي وفاقي نظام کي غير قانوني قرار ڏئي ٿي ته پوءِ کيس حڪومت ۾ رهڻ جو به ڪو جواز نه ٿو بچي. هن پيپلز پارٽي تي ٻٽو معيار اختيار ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته هڪ طرف حڪومت جو حصو هجڻ ۽ ٻئي طرف ساڳئي نظام کي رد ڪرڻ سياسي تضاد آهي
.چونڊن جي نتيجن تي نظر وجهجي ته غير سرڪاري ۽ غير حتمي انگن اکرن موجب مسلم ليگ (ن) ڪيترن ئي تڪن تي سرسي حاصل ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي به اهم علائقن، خاص طور مظفرآباد ۽ نيلم ويلي جي ڪجهه تڪن ۾ ڪاميابي ماڻي. ڪجهه علائقن ۾ خراب موسم ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب پولنگ ملتوي ٿيڻ ڪري حتمي سياسي تصوير اڃا مڪمل طور واضح نه ٿي سگهي آهي.سياسي تجزيي جي لحاظ کان آزاد ڪشمير جون چونڊون رڳو هڪ علائقائي سياسي مقابلو نه رهيون آهن، پر انهن کي وفاقي سياست جي مستقبل سان به ڳنڍيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي انهن نتيجن کي موجوده سياسي نظام خلاف عوامي ردعمل طور پيش ڪري رهي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) انهن کي پنهنجي عوامي حمايت جو ثبوت قرار ڏئي رهي آهي. ٻنهي ڌرين جي بيان بازي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿي.
حقيقت اها آهي ته چونڊن کان پوءِ ڌانڌلي جا الزام پاڪستان جي سياسي روايت جو حصو بڻجي چڪا آهن. جڏهن به ڪنهن پارٽي کي نتيجا پنهنجي اميدن موجب نه ملندا آهن ته چونڊ عمل جي شفافيت تي سوال اٿاريا ويندا آهن، جڏهن ته ڪامياب ڌر انهن نتيجن کي عوامي اعتماد جو اظهار قرار ڏيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان اهم ذميواري چونڊ ادارن تي اچي ٿي، جيڪي رڳو غيرجانبداري ۽ شفاف جاچ ذريعي عوام جو اعتماد بحال ڪري سگهن ٿا. آزاد ڪشمير جي چونڊن جو حتمي سياسي اثر ان وقت وڌيڪ واضح ٿيندو، جڏهن باقي مرحلا مڪمل ٿيندا، حڪومت وجود ۾ ايندي ۽ ڌانڌلي بابت لڳايل الزامن جي قانوني يا آئيني فورمن تي جاچ ٿيندي. في الحال ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته هي چونڊون صرف آزاد ڪشمير تائين محدود نه رهيون آهن، پر پاڪستان جي قومي سياست ۾ به هڪ نئين سياسي بحث کي جنم ڏئي چڪيون آهن.