حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف احتجاجي تحريڪ 12 ڏينھن به جاري رھي ، سنڌ شاگرد ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس سامھون لڳل ڪيمپ ۾ اچي وڪيلن جي وفد نه رڳو ملاقات ڪري کين پنھنجي طرفان يڪجھتي جو يقين ڏياريو پر مانجھاندي جو بندوبست به نامياري وڪيل ايڊووڪيٽ اندر جيت لوهاڻي ڪيو. ڪيمپ تي ڪربلا جي شھيدن جي چھلم جي موقعي تي گذرندڙ قافلن لاءِ شاگردن پنھنجي طرفان سبيل جو بندوبست ڪيو ۽ پنھنجن ھٿن سان گذرندڙ قافلن کي سبيل پياري . ڪالھ به سياسي ڪارڪنن سان گڏ سول سوسائٽيءَ جا وفد به ڪئمپ تي پھتا ھوڏانھن سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آھي ته اڄ اربع ڏينھن سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنل آھي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا ٿيندا ۽ شاگردن سان يڪجھتي لاءِ ريليون ڪڍيون وينديون. ڪراچي ۾ شاگردن پاران احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آھي، احتجاجي مظاھرو اڄ 4 وڳي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي کان شروع ٿيندو ۽ پريس ڪلب ڏانھن ويندو .سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪيو. ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ذبيح الله، فخرالزمان کوھارو، سڪي لڌو چانڊيو، حنيف جوکيو، ڊاڪٽر طارق سھتو ، فرمان علي ملغاڻي سڄي سنڌ ۾ اڄ 5 آگسٽ تي ٿيندڙ پرامن مظاھرن ۾ سول سوسائٽيءَ ، اديبن دانشورن ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي شرڪت جي اپيل ڪئي آھي سنڌ ايڪشن ڪميٽي، موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ميرٽو ڪريسي جي ڪور ڪميٽي جو چوڻ آھي ته کين اميد آھي سنڌ جا ماڻھو ميرٽ جي لتاڙ خلاف ھلندڙ ھن تحريڪ ۾ سندن مددگار ٿيندا.