”ڪتاب سنڌ جو سيواگر – حيدر بخش هَڪڙو“

اياز لطيف دايو

سگا ڪراچي شاخ پاران سنڌ جو سيواگر حيدر بخش هڪڙو جي ياد ۾ 134 صفحن تي ٻڌل هڪڙو سنڌي ۾ شاندار ۽ يادگار ڪتاب ڇپرايو ويو آهي ،انهيءَ ڪتاب جي آخر ۾ ڪجهه مضمون انگريزي ۾ پڻ آهن، هن ڪتاب جي ترتيب ۽ تحقيق جو ڪم سگا جي مرڪزي وائيس چيئرمين پروفيسر خالد حسين چنا ڪيو آهي، جنهن اڳ ۾ به ڪيترائي ڪتاب سگا ۽ ٻين موضوعن جي حوالي سان ڏنا آهن، هي ڪم انتهائي وقتائتو ۽ منفرد آهي، ڇاڪاڻ ته جنهن شخص کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي، انهيءَ سموري زندگيءَ جا قيمتي لمحا سگا کي ارپي ڇڏيا، اهڙي شخص کي ارپنا ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، هن ڪتاب جي ارپنا پڻ سنڌ جي هڪڙي سچي عاشق، ڀٽائي جي کاهوڙي ڪردار ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي ڪري ڄڻ ته حيدر بخش هڪڙو جي روح کي تسڪين ڏني وئي آهي

 ڪتاب ۾ فتح محمد کهاوڙ جي پبلشر نوٽ سان گڏ ڪتاب جي مرتب پروفيسر خالد حسين چنا طرفان پنهنجي پاران ۾ لکيو ويو آهي ته سائين حيدر بخش هڪڙو سان روزانو ڳالهائڻ، سگا جي هر ڪم ۾ صلاح وٺڻ منهنجي عادت جو روپ ڌاري چڪا هئا، پاڻ سگا جي تاريخ سهيڙڻ ۾ منهنجي مدد ڪندا رهيا ۽ اها بلڪل حقيقت آهي ته اسان جي هن صوفي رنگ ۾ رڱيل گيڙو جهڙي ڪردار سگا جي هر عمل کي ويجهڙائي کان ڏٺو، ڪاش سندس سيني ۾ دفن ٿيل سندس عظمت ڀري تاريخ اسان رڪارڊ ڪري سگهون ها ته شايد اهو سگا جي اڌ صدي جي سفر جي شاندار ۽ سماجي ڪارڪنن جي هڪ تلخ تاريخ طور اسان جي رڪارڊ تي هجي ها، هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري علمي، ادبي ،سياسي ۽ سماجي شخصيت، سگا جي اڳوڻي چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي اسان جو پيارو ماستر محترم حيدر بخش هڪڙو جي عنوان سان لکيو آهي، انهيءَ عنوان مان ئي اهڙي ماڻهو جي ڪٿ ٿي سگهي ٿي ته هي اسان جي سگا جي قافلي ۾ ماستر جي لقب سان ڄاتو ويندڙ سدائين گيڙو ويس ۾ موجود شخص ڪيڏو وڏو ماڻهو هو،جنهن لاءِ سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ لکيو آهي ته سائين حيدر بخش جو سنڱ سنڌ سان هو، هو پنهنجي اڌمن کي اخباري ڪالم وسيلي ظاهر ڪندو هو، هن جي ڪالمن جا ڪتاب به شايع ٿيا ۽ سائين جي پذيرائي به ٿي ،شاعري جي چڻنگ به چولي ۾ پاتي هئائين، جنهن جو سنڌ سان عشق هجي اهو شاعر اوس ٿيندو آهي، سگا جي مرڪزي چيئرمين رفيق احمد جعفري مرحوم کي ياد ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪندي لکيو آهي ته حيدر بخش هڪڙي جهڙا ماڻهو ادارن جو سرمايو هوندا آهن، هو هڪ مثالي رضاڪار هو، هن جي زندگيءَ ۽ ڪارڪردگي بابت مختلف ساٿين جي مضمونن پڙهڻ کان پوءِ ڪيترن ئي رضاڪارن کي سماجي خدمتن کي جاري رکڻ لاءِ اتساهه ملي ٿو

 سگا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل علي حسين بروهي لکيو آهي ته مرحوم حيدر بخش هڪڙو نهايت صابر، بردبار ۽ حوصلي وارو انسان هو هن زندگيءَ جي ڏکن، تڪليفن، ۽ آزمائشن کي هميشه همت سان منهن ڏنو، هن ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي پر هميشه ٻين کي اميد ،حوصلي ۽ الله تي ڀروسو رکڻ جو درس ڏنو، سندس چهري تي هميشه سُڪون ۽ اطمينان نظر ايندو هو، جيڪو ٻين لاءِ به آسودگيءَ جو سبب بڻبو هو، ادريس جتوئي لکيو آهي ته حيدر بخش هڪڙي پنهنجي پوري زندگي سنڌي سماج ۾ سُڌارن ۽ تبديلي آڻڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هو سگا جي قافلي جو هڪ اڻموٽ ،پرخلوص ۽ سچو ساٿي هو ۽ سنڌ جو سرمايو هو، اهڙا سماجي ڪارڪن پنهنجي تنظيم ۽ قوم جو فخر ٿيندا آهن ۽ ٻين انسانن لاءِ انسانيت، نيڪي ۽ سچائي جو مثال بڻجي اتساهه ڏيندا آهن ۽ تاريخ ۾ امر بڻجي ويندا آهن، مھتاب اڪبر راشدي پنهنجي مهاڳ جو عنوان اسان جو پيارو ماستر محترم حيدر بخش هڪڙو انهي ڪري رکيو آهي جيئن هن پاڻ تحرير ڪيو آهي ته مون کي ماستر لفظ سان ان ڪري به محبت آهي ڇو جو منهنجو بابا به ماستر هيو ۽ سڄو ڳوٺ ان کي استاد سائين چئي پيرين پوندو هو، مان به پهرين پنهنجي پيشي جي لحاظ کان ماسترياڻي ٿي حيدرآباد جي سينٽ ميريز ڪانوينٽ اسڪول کان ابتدا ڪئي، هن وڌيڪ لکيو آهي ته حيدر بخش هڪڙو صاحب اهو لقب قبول ڪري اهڙو ڪم ڪري ويو آهي جو هن کانپوءِ اسان کي سگا ۾ ٻيو ڪو به ماستر مستقبل قريب ۾ ملندو نظر نٿو اچي، هن پنهنجي سڃاڻپ گيڙو رنگ ۾ رکي، جيڪو هن جي چوڻ مطابق روشني ۽ راهه ڏيکارڻ جو نشان آهي، سگا جي گولڊن جوبليءَ ۾ سندس بي لوث خدمتن جو اعتراف ضرور ڪيو ويو، ميڊم پنهنجي پاران اهڙي شاندار ڪم ڪرڻ تي پروفيسر خالد حسين چنا کي مبارڪون پيش ڪيون

 اهڙي طرح هن ڪتاب جي پڙهڻ سان سنڌ جي هڪ اهڙي ڪردار متعلق پروڙ پوي ٿي جيڪو سماجي کيتر جي عظيم نالن جو تسلسل هيو، جنهن پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي سڀني آسائشن کي سنڌ جي عشق تان قربان ڪري ڇڏيو، جنهن جنهن ماڻهو جون هن شخص سان ڪچهريون رهيون، انهن کي خبر آهي ته هو علم، ادب، سماجي شعبي ۽ سچائي جو ڪيڏو وڏو ڪردار هو، هن سگا ۾ رهي ڪڏهن به ڪا لالچ، لوڀ نه رکي، هن ڪو به ذاتي مفاد حاصل نه ڪيو، هن ڪڏهن به هرکجي پنهنجي سوچ، لوچ تي ڪو ڪمپرومائيز نه ڪيو ڇاڪاڻ ته هو ڪو عام روايتي شخص نه هيو، هن جو ويزن سنڌ جي ماروئڙن جي خوشحالي، امن ۽ آجپو هئي، هو ڀٽائي، سچل، سامي ۽ سڀني صوفين جو عاشق هو، هن جي اکين ۾ عشق جو عميق سمنڊ هيو، جنهن ۾ هن کي پسي سگهبو هو، هو جڏهن وجد ۾ اچي رقص ڪندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته ڪائنات مان ستارا هيٺ لهي ڌرتيءَ تي آيا آهن، ماستر مرحوم ڪراچي ۾ ويهي به ڪشمور کان وٺي ڪارونجهر، گهوٽڪي کان وٺي گهاري تائين، شڪارپور کان وٺي هر ننڍي وڏي شهر، وستي واهڻ تائين سج جي لهندڙ عڪس کي ويجهڙائي کان گهوري ڏسندو هو، ماستر حيدر بخش هڪڙو گرو رجنيش چواڻي عشق جي بيچين روح جو پنڇي هيو، اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون قصا سندس ياد ۾ شايع ٿيل هن ساهه ۾ سانڍڻ  جهڙي ڪتاب ۾ موجود آهن، مجموعي طور هن ڪتاب ۾ 39 سنڌي ۾ آرٽيڪل موجود آهن، جن مان ٻه آرٽيڪل ماستر مرحوم جا پڻ شامل آهن، جن جا عنوان گل جو سفر ۽ سگا منهنجي جندڙي تو ۾ منهنجو ساهه شامل آهن، جن ٻين ماڻهن ماستر مرحوم کي پنهنجي دل سان ساريو آهي ۽ کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي آهي، انهن ۾ پروفيسر خالد حسين چنا جو آرٽيڪل نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ، ڊاڪٽر انور فگار جو الاهي انسان، رتي تنهنجي روح جي، سندس فرزند عابد حيدر هڪڙو جو آرٽيڪل گلاب هڪڙو، منهنجو عظيم مرحوم والد صاحب، ڊاڪٽر سليمان شيخ جو آرٽيڪل رتيءَ جي رهاڻ، جيءَ  اڙايم جت سين،رفيق احمد جعفري جو آرٽيڪل سدا ياد رهندڙ سگا رضاڪار،علي حسين بروهي جو آرٽيڪل سنڌ جي مٽيءَ جو مان، رئوف نظاماڻي حيدر بخش گل جي يادگيري، رکيل مورائي اکين ۾ رهجي ويل امر مرڪ، ادريس جتوئي سنڌ جو جوڳيئڙو،اياز علي هڪڙو مخلص ۽ محبتي ڪردار، زرار پيرزادو سدا قربائتي گلاب هڪڙي جون ساروڻيون ،پروفيسر اعجاز احمد قريشي حيدر بخش هڪڙو سنڌ جو بي لوث خدمتگار ،ڊاڪٽر جاويد مظهر ميمڻ مرحوم ماستر حيدر بخش هڪڙي جي ياد ۾،، عبدالرسول سومرو حيدر بخش هڪڙي جي ياد ۾، اشرف علي کهاوڙ ماستر حيدر بخش هڪڙو ،محمد سليمان وساڻ ماستر حيدر بخش هڪڙو ،يادگيرين جو روشن مينار، غوث بخش ڪلوڙ توکي وساريان ته ڪيئن وساريان، اياز لطيف دايو حيدر بخش هڪڙو، سگا جي قافلي جي آدرشي مشعل، وزير فرهاد سولنگي سگا جو ديو مالائي ڪردار ،پروفيسر بخش علي چانڊيو وڃي ڀونءَ پيٺي ،ساريندي کي سڄڻين ،،پيرل خان کوسو ماستر حيدر بخش هڪڙو ڏيئو، محمد اسلم عباسي جنهن دل پيتا عشق دا جام، پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي طرفان حيدر بخش هڪڙو، عبدالرزاق سومرو پريت وارو ماڻهو، لعل محمد پنهور سگا ڪراچي شاخ جو يگانو ڪل وقتي ڪارڪن، پروفيسر علي اڪبر بالادي سگا جو عاشق، غلام اڪبر ملڪ هڪ اعلي خدمت گذار، راز علي گل ڀٽو ادا حيدر بخش هڪڙي کان گلاب هڪڙو تائين، فتح محمد کهاوڙ طرفان ماستر حيدر بخش هڪڙو ،سگا جو انمول ڪردار، ميڊم اشرف لاريب طرفان تعارف ماستر حيدر بخش هڪڙو ،غلام حسين بلوچ طرفان سائين حيدر بخش هڪڙو، احمد حسن جاويد پنهور طرفان سائين حيدر بخش هڪڙو، پروفيسر خالد حسين چنا طرفان ڪتاب جو ٽائيٽل آرٽيڪل سنڌ جو سيواگر حيدر بخش هڪڙو، حاجي رفيق احمد مهيسر طرفان ماستر حيدر بخش هڪڙو ،، محمد عثمان پنهور طرفان هڪڙو هو ماستر حيدر بخش هڪڙو ،امداد مورائي طرفان ڀاءُ حيدر بخش هڪڙو ۽ فقير محمد زمان دايو طرفان مون تنهنجو آ روپ هي ڌاريو آرٽيڪل شامل آهن، انهي کان علاوهه بخش علي لاکو، محمد علي شاهه بخاري، فضل الله قريشي، ايڊووڪيٽ اي بي لاشاري طرفان انگريزي ۾ آرٽيڪل شامل آهن.

 سڀني مانائتن ليکڪن کي پڙهي محسوس ٿيندو ته ماستر مرحوم هڪڙو فرد نه هيو پر هو پنهنجي ذات ۾ انجمن هيو. هن کي گلاب جي نالي سان جيڪي دوست پڪاريندا هئا، انهن هن جي شخصيت ۾ گلاب جهڙي خوشبو پڻ پسي هئي، جنهن ڪري هن جي سموري زندگي محبتن ۾ گذري، هو سگا جي قافلي کي پنهنجي گهر ڀاتين جيان سمجهندو هو، انهيءَ ڪري مرڪندي چوندو هو ته اسان سگا جا ساٿي هڪ گهر جا ڀاتي آهيون، انهيءَ ماستر مرحوم جا خواب خبر ناهي ڪڏهن پورا ٿيندا پر اھو يقين آهي ته جيستائين سنڌ جي وجود تي وحشت لامارا ڏيندي رهندي، جيسين سنڌ جي سونهن کي مرجهائيندڙ موجود آهن، خصيص مفادن جا رکوالا سنڌ جي ڳلي ڳلي ۾ موجود آهن، نفرتن جا واپاري جيسين هن ڌرتيءَ کي تاراج ڪندا رهندا ايستائين ماستر حيدر بخش هڪڙي جو روح اڏامي اچي اسان سڀني جي ساٿ ۾ شامل ٿيندو، ماستر مرحوم جي خوابن کي ڪير به مرجهائي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته هن لطيف جو پيغام اسان وٽ امانت رکي اسان کان موڪلاڻي ڪئي آهي

جت نه پکيءَ پير ،تت ٽمڪي باهڙي،

ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کير ريءَ.

You might also like