سنڌ کي نقشي تي ڏسڻ وارن لاءِ شايد هي رڳو هڪ صوبو يا زمين جو ٽڪرو ڀلي هجي پر سنڌين لاءِ هيءَ ڌرتي سندن تاريخي سڃاڻپ، ٻولي، ثقافت ۽ وجود سان گڏ ڌرتي ماءُ جي حيثيت رکي ٿي. پاڪستان ۾ جڏهن به نون صوبن جي ڳالهه شروع ٿئي ٿي ته سڀ کان پهرين سنڌ جو نالو کنيو وڃي ٿو. ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته آبادي وڌي وئي آهي، تنهن ڪري نوان صوبا ٺاهڻ گهرجن. وري ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته وسيلن جي ورڇ وڌيڪ منصفاڻي ٿيندي. ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ فاروق ستار، خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال اهي مطالبا ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي جڏهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان به نون صوبن بابت بيان سامهون آيا آهن ته سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو احساس جاڳي اٿيو آهي ته ڇا سنڌ 1940ع جي قرارداد پاس ڪري غلطي ته نه ڪئي! شايد ڪجهه ماڻهن کي سنڌ جي تاريخ ياد ناهي.
هي اها ڌرتي آهي جنهن هزارين سال اڳ موهن جي دڙي جهڙي تهذيب کي جنم ڏنو. هي اها ڌرتي آهي جيڪا بمبئي پريزيڊنسي کان پنهنجي الڳ سڃاڻپ لاءِ ڊگهي جدوجهد کان پوءِ 1936ع ۾ ٻيهر پنهنجي آئيني حيثيت ماڻي. هي اها ڌرتي آهي جنهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به پنهنجو وجود بچائڻ لاءِ ون يونٽ جهڙي مرڪزي پاليسيءَ جو مقابلو ڪيو. 1955ع ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو. ان وقت به قوم کي ٻڌايو ويو ته هي قدم اتحاد، انتظامي آساني ۽ وسيلن جي بهتر ورڇ لاءِ کنيو ويو آهي. تاريخي ايڪائين ۽ قومي سڃاڻپن کي ختم ڪري مختلف قومن کي زبردستي پاڪستاني قوم ڪرڻ جو نتيجو ڇا نڪتو؟ نتيجو اهو نڪتو جو ننڍن صوبن ۾ بيچيني وڌي، محروميءَ جو احساس وڌيو ۽ آخرڪار 1970ع ۾ اهو تجربو ناڪام ثابت ٿيو. ون يونٽ ٽٽڻ سان گڏ پاڪستان ٽٽي ٻه اڌ ٿي ويو، ون يونٽ لڳائي هزارين ايڪڙ زمين غير مقامي ماڻهن کي ڏني وئي، جنرل ايوب سنڌو درياهه جا ڀرتي ڪندڙ ٽي درياهه راوي، ستلج ۽ بياس هندوستان کي وڪرو ڪري ڇڏيا. سنڌي سميت ٻيون قومي ٻوليون ختم ڪيون ويون. سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا ويا، سنڌ جا اهي زخم اڄ تائين مٽجي ناهي سگهيا.
هاڻي وري ساڳيا دليل پيش ڪيا پيا وڃن. پهرين دليل اهو آهي ته آبادي وڌي وئي آهي، تنهن ڪري نوان صوبا ٺاهڻ گهرجن پر جيڪڏهن آبادي ئي بنياد آهي ته پوءِ سڀ کان وڏي آبادي پنجاب جي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ نمائندگي پنجاب کي حاصل آهي، وفاقي اقتدار جي مرڪزن ۾ به پنجاب جو اثر ٻين سڀني صوبن کان وڌيڪ رهيو آهي. جيڪڏهن انتظامي سهولتن لاءِ نوان صوبا ٺاهڻ ئي واحد حل آهي ته پوءِ بحث جو رخ بار بار سنڌ ڏانهن ڇو موڙيو وڃي ٿو؟ اهو سوال رڳو سنڌين جو نه پر هر باشعور ماڻهو جو آهي ته پاڪستان آزاد ٿيندي ايترا سال ٿيا آهن پر اڄ تائين اهو ئي ٻڌندا اچون ته پاڪستان جون حالتون نازڪ آهن، اقتدار اوهان وٽ، طاقت اوهان وٽ، ادارا اوهان وٽ ته پاڪستان جي انهي نازڪ حالت جا ذميوار به اوهان ئي آهيو. ٻيو دليل اهو ڏنو وڃي ٿو ته نوان صوبا وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو سبب بڻجندا. پر سنڌ جي ماڻهن جو سوال آهي ته جڏهن موجوده آئين تحت ئي صوبن کي مليل حقن تي مڪمل عمل نٿو ٿئي، جڏهن ارڙهين ترميم جي روح مطابق اختيارن جي منتقلي تي اڃا تائين اختلاف موجود آهن، جڏهن پاڻيءَ جي ورڇ بابت سنڌ جا خدشا ڏهاڪن کان برقرار آهن، تڏهن نوان صوبا اهي مسئلا ڪيئن حل ڪندا؟
سنڌ جي ترقي پسند، قومپرست، زرعي ماهرن ۽ سماجي ڌرين جو ڊگهي عرصي کان اهو موقف رهيو آهي ته سنڌ کي سنڌوءَ درياءَ مان پنهنجي حصي موجب پاڻي نٿو ملي. ان جو اثر رڳو آبادگارن تي نه پر سنڌو ڊيلٽا، سامونڊي پٽي، زراعت، ماحول ۽ لکين ماڻهن جي روزگار تي به پوي ٿو، سنڌ جي لاڙ پٽي ٺٽي، سجاول، بدين جي ضلعن ۾ ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي به نه آهي، جيڪڏهن وسيلن جي ورڇ جو انصاف ئي مقصد آهي ته پوءِ پهرين انهن پراڻن مسئلن کي ڇو نه حل ڪيو وڃي؟
سنڌ جي تاريخ قربانين سان لکيل آهي. ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي، سنڌي ٻوليءَ جي جدوجهد هجي، جمهوريت جي بحاليءَ جون تحريڪون هجن يا صوبائي حقن لاءِ هلندڙ سياسي جدوجهد. سنڌ جي ماڻهن هر دور ۾ جيلون ڪاٽيون، سختيون سٺيون ۽ پنهنجي رت سان تاريخ جا ورق لکيا آهن.
رسول بخش پليجو صاحب چوندو هو ته سنڌ جي بقا ڪنهن هڪ جماعت يا هڪ نسل جو سوال نه پر هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ماڻهوءَ جي گڏيل ذميواري آهي. سنڌ جي وحدت، جمهوريت، وفاقي برابري ۽ عوام جي حقن جو تحفظ گڏ گڏ هئڻ گهرجي. سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ سان پاڪستان مضبوط نه ٿيندو پر وفاق وڌيڪ ڪمزور ٿيندو.
سنڌ جي تاريخ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دانائي، هوش محمد شيدي جي "مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون ” واري للڪار، حيدر بخش جتوئي جي هاري جدوجهد ۽ رسول بخش پليجي جي سياسي شعور هڪ ئي زنجير جون ڪڙيون آهن. اهي سڀ هڪ ئي ڳالهه سيکارين ٿا، سنڌ ڌرتي رڳو زمين جو ٽڪرو ناهي پر سنڌين جي سڃاڻپ، عزت، وقار ۽ تاريخ آهي.
اڄ جيڪڏهن وري سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ٿين ٿيون ته سنڌين جو ردعمل ڪنهن ضد يا تعصب جو نتيجو ناهي پر تاريخي تجربن جو عڪس آهي. جن ماڻهن ون يونٽ ڏٺو، جن ماڻهن پنهنجي صوبي جي سڃاڻپ لاءِ جدوجهد ڪئي، تن لاءِ اهڙيون تجويزون رڳو انتظامي بحث نه پر پنهنجي وجود جي بقا بابت سوال بڻجي وڃن ٿيون. پاڪستان کي جيڪڏهن واقعي مضبوط بڻائڻو آهي ته ان جو رستو نوان نقشا ٺاهڻ نه پر پراڻن واعدن کي نڀائڻ آهي. صوبن کي سندن آئيني حق ڏيڻ، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ، پاڻيءَ جي مسئلن کي انصاف سان حل ڪرڻ ۽ وفاق کي برابريءَ جي بنياد تي هلائڻ ئي ملڪ جي مضبوطيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
سنڌ کي ورهائڻ جا خواب نوان ناهن پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌين پنهنجي وجود تي سوديبازي ڪڏهن به قبول نه ڪئي آهي. هي ڌرتي قربانين سان بچي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو سمجهن ٿا ته ڌرتيءَ جي حفاظت رڳو ماضيءَ جي ذميواري نه پر ايندڙ نسلن جي امانت پڻ آهي. اوهان هميشه پاڪستان ۾ نوان تجربا ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪيو آهي هن وقت جڏهن ڪشمير ۾ انساني قتل عام جاري آهي، بلوچستان پهرين اوهان جي هٿن مان نڪري چڪو آهي، پختون ۽ سنڌي به اوهان مان خوش ناهن، اهڙي صورتحال ۾ نون صوبن جي ڳالھ ڪرڻ سندن زخمن ته لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي، اوهان جو اهو عمل ملڪي دشمني سان گڏ مظلوم قومن جو به دشمن آهي. اوهان اقتداري هوس جي ڪري وري بنگلاديش جهڙو واقعو ڪرائڻ چاهيو ٿا.
سنڌ جي ماڻهن تاريخي طور شهادت قبول ڪئي آهي پر ڌرتي ماءُ جي ميار ناهي کنئي شايد ڌرتي سان پيار ۽ ڌرتي جي حفاظت کيس پنهنجي ماءُ جي ٿڃ مان مليل آهن. سنڌي عوام اوهان کي سنڌ ورهائڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏيندو.