ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ايڇ آءِ وي کان متاثر سڀني ٻارن کي مڪمل علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، سندن والدين جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ هر مهيني 40 هزار کان 80 هزار رپيا مالي امداد به منتقل ڪئي ويندي، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي وائيس چيئرمين قاضي خضر جي اڳواڻي ۾ آيل ٽي رڪني وفد سان ملاقات دوران سعيد غني چيو ته ٻارن جي علاج لاءِ ملڪ جي نامياري ڊاڪٽرن ۽ وڏن اسپتالن جي سربراهن تي ٻڌل هڪ خاص ڪميٽي پڻ جوڙي پئي وڃي، حڪومت متاثر ٻارن ۽ سندن خاندانن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي، واقعي ۾ ملوث قرار ڏنل ذميوارن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هيل تائين 120 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي چڪي آهي.