ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا ۽ ماڊل راکي ساونت چيو آهي ته هوءَ الله، رسول صه ۽ سڀني نبين تي ايمان رکي ٿي، قرآن به پڙهندي آهي، جي ڪو مسلمان مڃي ٿو يا نه ان سان فرق نه ٿو پوي.
راکي ساونت هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي وئي آهي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي، شادي، مذهب، سياست ۽ فلمي سفر بابت تفصيلي ويچار ونڊيا آهن.
هڪ انٽرويوءَ دوران راکي ساونت چيو ته هوءَ ڀارت جي پهرين ڇوڪري آهي، جنهن کي ”ڪنٽينٽ ڪريئيٽر“ چئي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته جڏهن هن اهو انداز شروع ڪيو هو ته ماڻهو کيس چريو سمجهندا هئا، پر هاڻي اهي ئي ماڻهو کيس فالو ڪري رهيا آهن.
راکي چيو ته ”مان پنهنجي فيورٽ آهيان، مان پاڻ ئي هلندڙ ڦرندڙ ڪنٽينٽ آهيان، خدا مون کي خاص مٽي مان ٺاهيو آهي.“
هن پنهنجي مختلف انداز ۽ رنگين وارن بابت چيو ته ماڻهو هاڻي سندس اسٽائل جي به نقل ڪن ٿا، جڏهن ته هڪ فنڪار طور کيس هر وقت نئين انداز لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو.
سياست بابت ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته فنڪارن کي سياست ۾ اچڻ کانپوءِ عوامي خدمت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
هن پنهنجي اڳوڻي سياسي جماعت بابت چيو ته هوءَ هاڻي ان معاملي تي ڳالهائڻ نٿي چاهي.
شادي بابت راکي چيو ته هن شادي ڪئي، طلاق به ٿي ۽ هوءَ تمام گهڻو متاثر ٿي، پر هاڻي پنهنجي زندگي اڳتي وڌائي رهي آهي.
مذهب بابت ڳالهائيندي راکي ٻڌايو ته هوءَ هندو گهراڻي ۾ پيدا ٿي، سندس ماءُ عيسائيت اختيار ڪئي، جڏهن ته مسلمان نوجوان سان شادي کانپوءِ هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو فاطمه رکيو.
هن چيو ته هوءَ قرآن ۽ بائيبل پڙهي ٿي ۽ سڀني مذهبن جو احترام ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ الله ۽ سڀني نبين تي ايمان رکي ٿي.
پاڪستان بابت ڳالهائيندي راکي ساونت چيو ته دبئي ۾ کيس پاڪستانين وٽان تمام گهڻو پيار مليو ۽ ڏکئي وقت ۾ پاڪستانين سندس مدد ڪئي.
هن چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان جا لاڳاپا خراب آهن، پر انسانيت ۽ محبت سڀ کان اهم آهن.
الله، رسول صه ۽ سڀني نبين تي ايمان اٿم، قرآن به پڙهندي آهيان، ڪو مسلمان مڃي ٿو يا نه فرق نٿو پوي: راکِي ساونت
You might also like