ميرٽ جي بحالي واري تحريڪ پکڙجڻ لڳي،عمرڪوٽ ۽ قمبر ۾ به احتجاج

حيدرآباد/عمرڪوٽ/قمبر ( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ  جي لتاڙ خلاف نوجوانن جو احتجاج سنڌ جي ٻين شهرن تائين پکڙجي ويو. جڏهن ته سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آفيس آڏو ھلندڙ احتجاجي ڪيمپ 11 ڏينھن ۾ داخل ٿي وئي. ڪالھ سومر ڏينهن وومين ايڪشن فورم ڪراچي  ۽ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي عورت ونگ جي وفد شاگردن سان ڪيمپ تي اچي يڪجھتي ڪئي ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس اندر وڃي شاگردن جو ڪيس رکڻ پئي چاھيو پر ايس پي ايس سي جي گيٽ ٻاھران سخت سيڪيورٽيءَ جا انتظام ھجڻ ڪري وفد جي رستا روڪ ڪئي وئي. مليل ڄاڻ موجب وفد ۾ شامل نامياري ليکڪا عطيه دائود پوٽو، نسيم جلباڻي  عظميٰ نوراني، انيتا،سنڌ يونائٽيڊ پارٽي وومين فرنٽ جي چيف آرگنائيزر ياسمين ٿيٻو ،حميرا آريسر، شمائلا ڪيريو ڪيمپ تي ويٺل شاگردن سان يڪجھتي کان پوءِ سندن مطالبا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيارين آڏو رکڻ پئي گھريا پر کين ملڻ نه ڏنو ويو. شاگردن چواڻي ته سيڪيورٽي اھلڪار عورتن جي وفد سان سختي سان پيش آيا آفيس ڄڻ نو گو ايريا جا منظر پيش ڪندي ھجي. سول سوسائٽيءَ ۽ سياسي ڪارڪنن جي وفدن جي اچڻ جو سلسلو جاري رھيو. ڪيمپ تان ھي نعريبازي ٿيندي رھي “ اسين ميرٽ  بچائڻ نڪتا آھيون  اچو اسان جو ساٿ ڏيو. ھر روز عورتون، وڪيل ۽ سياسي ڪارڪنن ڪيمپ تي پھچن ٿا ۽ سندن ھٿن  ۾ شاگردن کي ڏيڻ لاءِ ميوات يا پاڻي جون بوتلون ھجن ٿيون رات جو انقلابي گيتن سان شروعات ٿئي ٿي ۽ ڏينھن جو گيتن سان گڏ پرجوش نعرا به لڳن ٿا.عمرڪوٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ شاگرد ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي غلام مرتضي راهمون, عمران بلوچ, ڀرت بنسي مالهي, اي ڊي هڱورجو, اشوڪ مالھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽي تلوار ڇوڪ کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو احتجاجي ريلي ۽ مظاھري ۾ سياسي سماجي حلقن پي ٽي آء جي اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي، ايس ٽي پي اڳواڻ ميھار بنگلاڻي، ايم ايس ايف جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري فقير محب مڱريو، ايس يو پي اڳواڻ گل بجير، اڪبر پلي سميت ٻين سماجي حلقن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ميرٽ جي لتاڙ نامنظور نوڪريون پئسن تي وڪرو ڪرڻ بند ڪريو جا نعرا هنيا ويا احتجاجي مظاھري دوران ڳالھائيندي ۽ الزام لڳائيندي اڳواڻن چيو ته گهڻي وقت کان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ايندڙ مختلف کاتن جون نوڪريون مبينا طور پئسن تي وڪرو ٿي رهيون آهن ۽ ميرٽ جي لتاڙ پئي ٿئي ھنن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي دڪان بڻائي نوڪرين جا اگهه لڳائي ميرٽ جو سرعام قتل ڪيو پيو وڃي. قمبر ۾  سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ ايڊوڪيٽ الائنس جي سڏ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميش ۾ ميرٽ جي مبينا لتاڙ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي پريس ڪلب آڏو سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن سيد اخلاق احمد شاھ بخاري،ثناء ﷲ گلال، عبدالنبي چانڊيو،انوار الحق تنيو، آصف ٻرڙو، آغا بليدي ۽ ٻين چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي مبينا لتاڙ ڪري سنڌ جي نوجوانن سان ظلم ڪيو آهي سنڌ جي هزارين نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي هنن وڌيڪ چيو ته قابل ۽ محنتي نوجوانن جو حق ڦٻائڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي پاران 5 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ پرامن احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي .سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن زبيح اللہ مستوئي ۽ ٻين 5 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ پرامن احتجاج جو اعلان ڪندي سنڌ جي سمورين سياسي، سماجي ۽ قومپرست جماعتن، شاگردن، نوجوانن کي احتجاج جو سڏ ڏنو آھي تحريڪ جو دائرو ڪراچي تائين پھچي چڪو آھي .ذبيع الله مستوئي سنڌ جي سمورين سياسي، سماجي، قومپرست ۽ شاگرد تنظيمن، وڪيلن، استادن، نوجوانن، سول سوسائٽي ۽ هر باشعور شهري کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ هن پرامن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن، ڇاڪاڻ ته هي جدوجهد صرف شاگردن جي نه، پر سڄي سنڌ جي مستقبل، ميرٽ جي بحالي ۽ ادارن ۾ شفافيت قائم ڪرڻ جي جدوجهد آهي، هن وڌيڪ چيو ته احتجاج کي منظم ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ هر ضلعي جو الڳ واٽس ايپ گروپ قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ لاڳاپيل ضلعي جا ساٿي شامل ٿيندا ته جيئن رابطي ۽ احتجاج جي تيارين کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.

You might also like