ڪراچي/اسلام آباد(پ ر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ آزاد ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن وچ ۾ واضح ڳٺجوڙ نظر آيو، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي خلاف هو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چونڊن کان اڳ ئي خبردار ڪيو هو ته آزاد ڪشمير ۾ شفاف، آزاد ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿيڻ گهرجن، ڇو ته ن ليگ جي سياسي مفادن کان وڌيڪ ڪشميري عوام جا مفاد اهم آهن، پر افسوس جو صورتحال ان جي ابتڙ رهي ۽ رياستي ادارن عوام بدران ن ليگ جي مفادن کي ترجيح ڏني. پيپلز سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ سياسي ميدان خالي نه ڇڏيندي ۽ چونڊن ۾ ٿيندڙ مبينا ڌانڌلي خلاف هر آئيني، قانوني ۽ جمهوري فورم تي آواز اٿاريندي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سندس پوري ٽيم ن ليگ جي "بي ٽيم” بڻيل رهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ ڪيتريون ئي شڪايتون ڏنيون ويون، پر انهن تي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي.هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ 2024ع جي عام چونڊن واري تاريخ ورجائي وئي ۽ "فارم 47” کان پوءِ هاڻي "فارم 47 پلس” سامهون آيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو خيراتي مينڊيٽ وسيلي اقتدار ۾ آيا، اهي ماضي مان سبق سکڻ لاءِ تيار ناهن. هن راڻا ثناءُ الله ۽ امير مقام جي پريس ڪانفرنس تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن جي ڳالهين مان شرمندگي بدران غرور ۽ تڪبر ظاهر ٿي رهيو هو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو لهجو بدتميزي وارو نه هوندو، پر هر الزام جو جواب دليل، حقيقتن ۽ آئيني طريقي سان ڏنو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن غلط بياني ڪندي ٻن تڪن ۾ پولنگ ملتوي ڪئي ۽ پنهنجي ناڪامي لڪائڻ لاءِ برسات کي جواز بڻايو، جڏهن ته کيس گهرجي ته هو پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري. هن وڌيڪ چيو ته نڪيال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ورڪر مختيار کي شهيد ڪيو ويو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ واقعو هو، پر ن ليگ جي بي حسي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هنن شهيد ٿيل ورڪر جي سڃاڻپ تائين کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته ن ليگ جي "گلوبٽن” ووٽ وجهڻ لاءِ ويندڙ آزاد ڪشمير جي صدر تي به حملو ڪيو، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم شڪايت ڪرڻ باوجود ڪنهن به ذميوار خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ن ليگ جي ڪارڪنن جون ڪارروايون ڪنهن کان لڪيل ناهن ۽ آزاد ڪشمير جي عوام جي ووٽ تي کليل ڌاڙو هنيو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته فاروق حيدر جي تڪ ۾ کلي عام ڌانڌلي ٿي، پر انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل رهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي قيادت هاڻي "پي ٽي آءِ پلس” بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ چونڊن کان ٻه ڏينهن اڳ ئي ن ليگ جي اميدوارن کي بيلٽ پيپر فراهم ڪيا ويا. هن وڌيڪ الزام هنيو ته پولنگ اسٽيشنن اندر پوليس جي مدد سان ڌانڌلي ڪئي وئي، جڏهن ته نيئر بخاري اهڙا بيلٽ پيپر به ميڊيا آڏو پيش ڪيا، جن تي اڳواٽ ن ليگ جا ٺپا لڳل هئا، ۽ جعلي ٺپن جا وڊيو ثبوت پڻ سامهون اچي چڪا آهن. هن چيو ته 2024ع جي عام چونڊن کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي واضح طور اعلان ڪيو هو ته حڪومت سازي لاءِ تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ ٻنهي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. هن چيو ته سڀ کان پهرين تحريڪ انصاف سان رابطو ڪيو ويو، پر تحريڪ انصاف صاف انڪار ڪيو ته هو حڪومت جو حصو نه بڻجندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مان سمجھان ٿو ته هاڻي وفاقي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجڻ شروع ٿي چڪا آهن. هن ياد ڏياريو ته بلاول ڀٽو زرداري اڳ ئي چيو هو ته جيڪڏهن عوام جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هنيو ويو ته حڪومت جا ڏينهن ڳڻجڻ شروع ٿي ويندا، ۽ موجوده صورتحال انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري رهي آهي.