آمرن خلاف ڪاڪروچ اڳ به نڪتا هئا،هاڻي به نڪري سگهن ٿا:پ پ

ڪراچي(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو وفاقي گهرو وزير پاران هائبرڊ نظام جي حمايت، موجوده جمهوري نظام کي ناڪام قرار ڏيڻ ۽ نون صوبن بابت بيانن کي غير آئيني قرار ڏيندي وفاقي گهرو وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.ھن اهڙو مطالبو ڇنڇر ڏينھن مشهور بزنس مين سعيد ايس محمد جي رهائشگاهه تي  پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. ان موقعي تي واپاري سعيد ايس محمد پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب ۾ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي،سعيد غني،جاويد ناگوري ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔نثار کهڙو نون صوبن بابت آئيني حيثيت واضح ڪندي چيو ته آئين هي آرٽيڪل 239 جي شق 4 ۾ نون صوبن جي قيام لاءِ واضح طريقه ڪار موجود آهي جنهن موجب لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان جيستائين قرارداد منظور نه ڪندي تيستائين نئون صوبو نٿو ٺھي سگهي.ھن چيو ته ماضي ۾ پنجاب اسيمبلي نئين صوبي لاءِ قرارداد منظور ڪئي هئي تنهن ڪري جيڪڏهن نئون صوبو ٺاهڻو آهي ته پهريان پنجاب ۾ ٺاهيو وڃي جڏهن ته سنڌ ۾ نئين صوبي جي ڪا به ضرورت ناهي.ھن چيو ته ملڪ ڪنهن به غير آئيني قدم جو متحمل نٿو ٿي سگهي ۽جمهوريت جي تسلسل ۾ ئي سڀني مسئلن جو حل موجود آهي.نثار کهڙو چيو ته جيڪڏهن وفاقي گهرو وزير جمهوري نظام کي ناڪام قرار ڏئي هائبرڊ نظام جي واکاڻ ڪري رهيو آهي ته پوءِ کيس حڪومت ۽ پنهنجي عهدي تي رهڻ جو ڪو جواز ناهي. هن چيو ته هو "شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار بڻجي جمهوريت جي انجڻ ۽ ماحول کي خراب ڪري رهيو آهي تنهن ڪري پاڪستان جي فوج ۽ سياست کي بدنام ڪندڙ شخص وٽ اهڙو اهم عهدو نه هجڻ گهرجي.ھن وڌيڪ چيو ته جمهوري نظام کي ناڪام قرار ڏيڻ آئين جي خلاف آهي ۽ جيڪڏهن غير آئيني ڳالهيون ڪيون وينديون ته اهڙا ماڻهو قوم جا ڏوهاري سمجهيا ويندا. هن چيو ته نون صوبن بابت بيان ڏيندڙ سنڌ جي ڪنهن به گهٽي ۾ نڪرن ته کيس عوام جي ردعمل جو اندازو ٿي ويندو.نثار کهڙو چيو ته ڀلي وفاقي گهرو وزير کي وزيراعظم بڻجڻ جو شوق هجي پر هو پاڪستان جي هٿياربند فوج جو نالو استعمال ڪري سياست ۾ انتشار پيدا ڪري رهيو آهي جڏهن ته فوج اڳ ئي سياست کان لاتعلقي جو اعلان ڪري چڪي آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي گهرو وزير اهڙن بيانن ذريعي هٿياربند فوج ۽ سياست کي پڻ بدنام ڪري رهيو آهي.ھن چيو ته جن ماڻهن جي پيروي ڪندي وفاقي گهرو وزير بيان ڏئي رهيو آهي اهي ته گذريل پنجاه سالن کان ملڪ تي حڪومتون ڪندا رهيا آهن۔ھن چيو ته هڪ پاسي ملڪ قرضن تي هلي رهيو آهي ته ٻئي پاسي 22 صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري خرچن ۾ اضافي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. هن سوال ڪيو ته ڇا 22 صوبا، 22 وڏا وزير ۽ 22 گورنر ۽ انهن جي آفيسن جا خرچ ملڪ جي معيشت برداشت ڪري سگهي ٿي؟ھن چيو ته اسان کي ڪيڙا مڪوڙا ۽ ڪاڪروچ سمجهيو پيو وڃي، پر اھي ڪاڪروچ حيثيت رکن ٿا جيڪي آمر ضياء الحق، ايوب خان ، پرويز مشرف خلاف به ٻاھر نڪتا ھئا ۽ جيڪڏهن اهي "ڪاڪروچ  نڪري پيا ته انهن جي خلاف ئي نڪرندا.ھڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خالد مقبول صديقي کي مصطفيٰ ڪمال کان ڊڄڻ نه گهرجي ھن جلال پور ڪينال بابت سوال تي چيو ته اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) ۾ زير التوا آهي ۽ جڏهن سي سي آءِ جو اجلاس ٿيندو ته جلال پور ڪينال جو معاملو ضرور اٿاريو ويندو.

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي محنت، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته نوان صوبا ڪنهن جي خواهش يا بيان سان نه، پر آئين موجب لاڳاپيل صوبي جي اسيمبلي مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان قرارداد منظور ٿيڻ بعد ئي ٺهي سگهن ٿا. هن چيو ته پنجاب جي وزيرن جا ڪراچي پورٽ بابت بيان دراصل پنهنجي وفاقي حڪومت خلاف چارج شيٽ آهن، ڇاڪاڻ⁠ته بندرگاهون وفاق جي اختيار هيٺ اچن ٿيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پنجاب جي ڪجهه وزيرن جون ڳالهيون ٻڌي لڳي ٿو ته شايد هو ڪڏهن سنڌ يا ڪراچي آيا ئي ناهن. پنجاب جي وزيرن کي اها به ڄاڻ ناهي ته ڪراچي پورٽ وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ آهي، تنهن ڪري ان بابت تنقيد ڪرڻ اصل ۾ پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي تي سوال اٿارڻ جي برابر آهي. صوبائي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي دنيا جي وڏن دل جي اسپتالن مان هڪ آهي، جتي هر سال لکين مريضن جو مڪمل طور مفت علاج ڪيو وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته گذريل سال اين آءِ سي وي ڊي ۾ 41 لک 40 هزار کان وڌيڪ مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون، جن مان هڪ لک 19 هزار کان وڌيڪ مريض پنجاب سان تعلق رکندڙ هئا، جڏهن ته دل جي ٽرانسپلانٽ لاءِ به پنجاب جا ڪيترائي مريض سنڌ اچن ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ڪو نئون مسئلو ناهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي هدايت موجب شهر ۾ ست هائيڊرنٽس هلن ٿا. هن چيو ته ڪراچي کي ٽينڪر مافيا حوالي ڪرڻ جا الزام حقيقتن تي ٻڌل ناهن. نون صوبن جي حوالي سان سعيد غني چيو ته سنڌ جا چونڊيل نمائندا ۽ عوام  صوبي جي ورهاست جا مخالف آهن، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي ماضي ۾ انتظامي بنيادن تي نون صوبن بابت قرارداد منظور ڪري چڪي آهي.

You might also like