پارلياماني نظام نتيجا ڏئي سگهي ٿو،ادارا حدن ۾ رهن:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم جي سياسي معاملن واري مشير  راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته محسن نقوي جي گفتگو ۽ انداز گفتگو سان اسان کي شديد اختلاف آهي،اها ڳالهه درست آهي ته نوازشريف محسن نقوي کي جواب ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته محسن نقوي جون ڳالهيون بي معني آهن ۽ انهن جو ڪو به سر پير ناهي،هن چيو ته محسن نقوي جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ضرور ان معاملي تي ڳالهيون ٿيون هونديون،ڪابينا جو اجلاس جڏهن به ٿيون  ته ان باري ۾ ڳالهيون سامهون اچي وينديون،پارٽي پاران منع ڪيل آهي نه ته مان محسن نقوي کي سٺو  جواب ڏيان ها،هن چيو ته جڏهن به ڪابينا اجلاس ٿيندو ان باري ۾ ضرور ڳالهايو ويندو،وزيراعظم ڪنهن به ڪابينا مميبر کان پڇاڻو ڪري سگهي ٿو،محسن نقوي کي وزيراعظم  ڪابينا اجلاس ۾ گهرايو ته ڇو نه ايندو؟هن چيو ته هن ملڪ ۾ پارلياماني جمهوري نظام آهي،هڪ آئين آهي،هي سسٽم ئي ملڪ کي 70 سالن کان متحد رکي ويٺو آهي،73 جو آئين فيڊريشن ۽ ان جي ايڪاين ۾ مضبوط اتحاد جي علامت بڻيل آهي،هن سسٽم ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي،جيڪڏهن کان کوٽ آهي ته هن سسٽم ۾ عمل ڪرڻ ۾ آهي،جيڪڏهن عمل ڪيو وڃي ته هي سسٽم ڊليور ڪري سگهي ٿو،هن چيو ته نظام ڪيئن نه پيو ڪم ڪري؟نظام تي عمل نه پيو ٿئي،عدليه،پارليامينٽ ۽ انتظاميا آئين ۾ لکيل پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته دعويٰ ڪريان ٿو ته  هڪ سال ۾ ڊليوري ٿي سگهي ٿي،هر شئي ٺيڪ ٿي ويندي،هي سسٽم ڊليور ڪري سگهي ٿو،ڪالهه به ڪري پئي سگهيو،آئنده به ڪري سگهندو،هن چيو ته مان ڪڏهن به ناهي چيو ته هائبرڊ نظام تمام سٺي طريقي سان ڪم ڪري رهيو آهي،سسٽم ۾ ڪمزوري عمل ڪرڻ وارن ۾ آهي،اسان عمل به نٿا ڪريون ۽ چئي رهيا آهيون ته سسٽم ڪم نه پيو ڪري،نظام ۽ آئين ۾ ڪٿي منع آهي ته ادارا پاڻ ۾ سهڪار نه ڪن؟هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ پاران حڪومت کي انتظامي يونٽن واري معاملي تي ڇهن مهينن جي مهلت ناهي ڏني وئي،اهي سڀ قصا ڪهاڻيون آهن،عام ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ بااختيار مڪاني نظام ۽ ننڍن انتظامي يونٽن جو معاملو پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿيندو،سياسي پارٽيون پنهنجا اجلاس گهرائي فيصلا ڪنديون،مسلم ليگ ن ۾ ان حوالي سان ڪو باضابطا بحث ناهي ٿيو،شرجيل ميمڻ جي بيان تي هن چيو ته پ پ وارا خيراتي مينڊيٽ جي حڪومت نه وٺڻ جي ڳالهه پيا ڪن،اهي خيراتي مينڊيٽ مٿان صدر بڻجي ويٺل آهن،شرجيل ميمڻ آصف علي زرداري کان پڇي ته توهان خيراتي مينڊيٽ وارا ووٽ کڻي ايوان صدر ۾ ويٺل آهيو؟پهرين ان کي اتان ڪڍن پوءِ وزيراعظم سان ڳالهائين،آزاد ڪشمير ۾ ڪارڪنن کي چارج رکڻ لاءِ پ پ وارا اهڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن،پ پ سان اتحاد ۾ 16 نڪتا طئي ٿيا هئا پر اهڙي ڪا به ڳالهه شامل نه هئي ته اڍائي سال اسان حڪومت ڪنداسين ۽ اڍائي سال پ پ وارا حڪومت ڪندا،پ پ وارا رڳو ڪابينا ۾ شامل ناهي باقي ته حڪومت ۾ ته هر طرح سان شامل آهن،هوڏانهن وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، محسن نقوي جي نون انتظامي يونٽن يا صوبن جي قيام بابت ڏنل بيان کي "سمجهه کان ٻاهر” قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن  چيو ته محسن نقوي عجيب ڳالهه ڪئي آهي. مون سندس تقرير ٻڌي، پر مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو اصل ۾ ڇا چوڻ پئي چاهيو. لڳي ٿو ته معاملو وڏو هو، جنهن کي هو مختصر انداز ۾ بيان ڪرڻ چاهيندو هو، پر پنهنجي ڳالهه واضح نموني بيان نه ڪري سگهيو. جڏهن هڪ ڀيرو سندس وات مان اها ڳالهه نڪري وئي ته پوءِ سندس هڪ ڳالهه ٻي ڳالهه سان به نه ملي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇا پيو چوي ۽ ڇو پيو چوي،ڪاڪروچ اچڻ واري ڳالهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، پارلياماني جمهوري نظام ڇڏي توهان ڪيڏانهن ويندا؟

You might also like